Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 8:31 - Sindhi Bible

31 تنهن کانپوءِ اسين پهرين مهيني جي ٻارهين تاريخ يروشلم ۾ وڃڻ لاءِ، اهوا نديءَ کان روانا ٿياسين؛ ۽ اسان جي خدا جو هٿ اسان تي هو، ۽ انهيءَ اسان کي دشمنن جي هٿان، ۽ رستي تي ڌاڙيلن جي هٿان بچائي ورتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 پهرئين مهيني جي ٻارهين تاريخ تي يروشلم وڃڻ لاءِ اسين اهوا واهہ کان روانا ٿياسين. اسان جي خدا جو هٿ اسان تي هو، سو انهيءَ اسان کي رستي تي دشمنن ۽ ڌاڙيلن کان بچائي رکيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 8:31
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جنهن، بادشاهہ ۽ سندس مشيرن ۽ سڀني زور وارن اميرن جي اڳيان مون تي رحم ڪيو. ۽ منهنجي خدا جو هٿ جو مون تي هو، تنهن موجب مون کي طاقت ملي، ۽ مون اسرائيل مان مکيہ ماڻهو گڏ ڪيا، تہ مون سان گڏجي هلن.


ڇالاءِ جو پهرين مهيني جي پهرين تاريخ بابل مان هو نڪتو، ۽ پنجين مهيني جي پهرين تاريخ، سندس خدا جو جيڪو چڱو هٿ مٿس هو، تنهن موجب، هو يروشلم ۾ پهتو.


۽ مون انهن کي انهيءَ نديءَ وٽ آڻي گڏ ڪيو، جا اهوا ڏانهن وهيو ٿي وڃي؛ ۽ اتي اسان ٽي ڏينهن منزل ڪئي: ۽ مون ماڻهن ۽ ڪاهنن تي نظر ڪئي، ۽ انهن ۾ لاويءَ جي پٽن مان مون کي ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو.


۽ اوهين اهو ڏسندا ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، اوهان جا هڏا نازڪ گاهہ وانگي وڌندا: ۽ خداوند جو هٿ سندس بندن تي ظاهر ٿيندو، ۽ هو پنهنجن دشمنن تي ڏاڍو ڪاوڙبو.


ڀلائي ڪري هن کي يروشلم ۾ گهُراءِ؛ ۽ پاڻ اهو وجهہ پئي ڳوليائون تہ رستي ۾ هن کي ماري کپائي ڇڏيون.


پر خدا جي مدد سان اڄ تائين آئون قائم رهندو اچان، ۽ ننڍي توڙي وڏي جي اڳيان شاهدي ڏيندو اچان، ۽ رڳو اُهي ڳالهيون ٿو ٻُڌايان، جن بابت نبي ۽ موسيٰ اڳيئي چئي ويا آهن تہ ٿينديون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ