Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 8:28 - Sindhi Bible

28 ۽ مون انهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي لاءِ پاڪ آهيو، ۽ باسڻ بہ پاڪ آهن؛ ۽ روپو ۽ سون، خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ جو نذرانو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 مون کين چيو تہ ”اوهين ۽ هي سڀ ٿانوَ خداوند جي لاءِ مخصوص آهيو، باقي خالص چاندي ۽ سون خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ سان ڏنل نذرانو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 8:28
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن جو ڪم اهو هو تہ خداوند جي گهر جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ ڪوٺين ۾ ۽ سڀني پاڪ شين کي مخصوص ڪرڻ ۾، يعني خدا جي گهر جي خدمت جي ڪم ۾، بني هارون جي مدد ڪن.


۽ لاوين مان اخياہ خدا جي گهر جي خزانن ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جي مٿان هو.


۽ جڏهن هنن ڪم پورو ڪيو تڏهن جيڪي پئسا باقي بچيا، سي بادشاهہ ۽ يهويدع جي اڳيان آندائون ۽ انهن مان خداوند جي گهر لاءِ ٿانوَ جوڙيا ويا، يعني خدمت ڪرڻ جا ٿانوَ، ۽ قرباني ڪرڻ جا ٿانوَ، ۽ چمچا، ۽ سونا روپا ٿانوَ. ۽ هنن يهويدع جي سڀني ڏينهن ۾ هميشہ خداوند جي گهر ۾ ساڙڻ واريون قربانيون پئي چاڙهيون.


۽ ويهہ سونا پيالا، هڪ هزار درهمن جا؛ ۽ ٻہ باسڻ عمدا چمڪندڙ پتل جا، جي سون جهڙا قيمتي هئا.


يعني بني اسرائيل پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو؛ سڀ ڪنهن مرد توڙي زال، جنهن جي دل کيس راضي ڪيو، تنهن انهن ڪمن جي واسطي نذرانو آندو، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.


۽ انهي جو نذرانو هو: چانديءَ جو هڪڙو ٿالهہ، جنهن جي تور عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هڪ سؤ ٽيهہ مشقال هئي، ۽ هڪڙو چانديءَ جو پيالو، جنهن جي تور ستر مشقال هئي؛ اهي ٻئي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدي سان ڀريل هئا؛


لاويءَ جي بابت هن چيو تہ، تنهنجو تميم ۽ اوريم انهي خدا جي ٻانهي وٽ آهي: جنهن کي تو مسہ ۾ آزمايو، ۽ جنهن سان تو مريبہ جي چشمي وٽ جهيڙو ڪيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ