۽ انهن جي برخلاف هنن کي مدد ملي، ۽ هاجري پنهنجن سڀني ساٿين سميت هنن جي هٿن ۾ ڏنا ويا: ڇالاءِ جو هنن جنگ ۾ خدا کان دعا گهري، ۽ هنن جي دعا خدا قبول ڪئي؛ ڇالاءِ جو هنن جو انهيءَ تي ڀروسو هو.
تنهن کانپوءِ اسين پهرين مهيني جي ٻارهين تاريخ يروشلم ۾ وڃڻ لاءِ، اهوا نديءَ کان روانا ٿياسين؛ ۽ اسان جي خدا جو هٿ اسان تي هو، ۽ انهيءَ اسان کي دشمنن جي هٿان، ۽ رستي تي ڌاڙيلن جي هٿان بچائي ورتو.