عزرا 8:18 - Sindhi Bible18 ۽ اسان تي جو خدا جو چڱو هٿ هو، تنهنڪري محلي بن لاوي بن اسرائيل جي پٽن مان هڪڙو سمجهو ماڻهو هو اسان وٽ وٺي آيا؛ ۽ سربياہ، سندس پٽن ۽ ڀائرن سميت، ڪل ارڙهن ڄڻا؛ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible18 جيئن تہ اسان تي اسان جي خدا جو شفقت ڀريو هٿ هو، تنهنڪري لاوي ولد يعقوب جي اولاد مان محلي گھراڻي جي سربياہ نالي هڪ سمجھوءَ کي سندس پٽن ۽ مائٽن سميت هو اسان وٽ وٺي آيا جيڪي ڪل ارڙهن ڄڻا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڇالاءِ جو مون کي شرم ٿي آيو تہ بادشاهہ کان سپاهين ۽ گهوڙي سوارن جي ڪا ٽولي گهران، تہ اهي رستي ۾ دشمنن سان وڙهڻ لاءِ اسان کي مدد ڪن: هن ڪري جو اسان بادشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا کي ڳولين ٿا، تن سڀني تي هميشہ خدا جو هٿ چڱائيءَ لاءِ ٿو رهي؛ پر جيڪي انهيءَ کي ڇڏي ٿا ڏين، تن سڀني تي هو پنهنجي قدرت ۽ غضب نازل ٿو ڪري.