Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 7:8 - Sindhi Bible

8 ۽ بادشاهہ جي ستين سال جي پنجين مهيني ۾، هو يروشلم ۾ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8-9 اهي بابل کان پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ تي روانا ٿيا ۽ پنجين مهيني جي پهرين تاريخ تي يروشلم ۾ اچي پهتا، ڇاڪاڻ تہ سندن خدا جو فضل ڀريو هٿ مٿن هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 7:8
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جا سڀ ماڻهو ٽن ڏينهن جي اندر يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا؛ اُهو نائون مهينو هو ۽ اها مهيني جي ويهين تاريخ هئي: سڀ ماڻهو خدا جي گهر جي اڳيان ميدان ۾ اچي ويٺا ۽ انهيءَ ڳالهہ ۽ مينهن جي ڪري پئي ڏڪيا.


۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ستين ورهيہ ۾، بني اسرائيل، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين، ۽ ڳائڻن، ۽ دربانن، ۽ نتينيم مان ڪي ماڻهو چڙهي يروشلم ڏانهن ويا.


ڇالاءِ جو پهرين مهيني جي پهرين تاريخ بابل مان هو نڪتو، ۽ پنجين مهيني جي پهرين تاريخ، سندس خدا جو جيڪو چڱو هٿ مٿس هو، تنهن موجب، هو يروشلم ۾ پهتو.


۽ اسين يروشلم ۾ پهتاسين، ۽ ٽي ڏينهن اتي رهياسين.


ڇالاءِ جو اسين غلام آهيون؛ انهيءَ هوندي بہ اسان جي خدا اسان کي غلاميءَ ۾ بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر فارس جي بادشاهن جي نظر ۾ اسان کي رحم عطا ڪيو اٿس، جو اسان کي تازو ڪيو اٿس، تہ پنهنجي خدا جو گهر کڙو ڪريون، ۽ ان جي ڀڳل ڀريل حصن جي مرمت ڪريون، ۽ اسان کي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ ڀت ڏني اٿس.


نيٺ آستر کي بادشاهہ اخسويرس جي شاهي گهر ۾، سندس بادشاهيءَ جي ستين سال جي ڏهين مهيني، يعني طيبت مهيني ۾ وٽس وٺي آيا.


تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ