عزرا 7:6 - Sindhi Bible6 اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible6 بابل کان يروشلم ڏانهن روانو ٿيو. موسيٰ جي شريعت جيڪا خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ هو هوشيار عالم هو. شهنشاهہ هن کي هر اُها شيءِ ڏني جيڪا هن کانئس گھري، ڇاڪاڻ تہ خداوند سندس خدا جو هٿ مٿس هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ڇالاءِ جو مون کي شرم ٿي آيو تہ بادشاهہ کان سپاهين ۽ گهوڙي سوارن جي ڪا ٽولي گهران، تہ اهي رستي ۾ دشمنن سان وڙهڻ لاءِ اسان کي مدد ڪن: هن ڪري جو اسان بادشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا کي ڳولين ٿا، تن سڀني تي هميشہ خدا جو هٿ چڱائيءَ لاءِ ٿو رهي؛ پر جيڪي انهيءَ کي ڇڏي ٿا ڏين، تن سڀني تي هو پنهنجي قدرت ۽ غضب نازل ٿو ڪري.
جڏهن آءٌ آيس تڏهن ڇو ڪو ماڻهو ڪونہ هو؟ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڇو ڪنهن بہ جواب نہ ڏنو؟ منهنجو هٿ اهڙو ننڍو ٿي ويو آهي ڇا جو ڇڏائي نٿو سگهي؟ يا مون کي ڇڏائڻ جي سگهہ ڪانهي ڇا؟ ڏسو، آءٌ پنهنجيءَ ڌمڪيءَ سان سمنڊ کي سڪايان ٿو، ۽ ندين کي بيابان ڪري ٿو ڇڏيان: انهن جي مڇي پاڻي نہ هئڻ جي ڪري ڪِني بانس ڪري ٿي، ۽ اُڃ جي ڪري مري ٿي.