Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 7:5 - Sindhi Bible

5 بن ابيسوع، بن فينحاس، بن اليعزر، بن هارون سردار ڪاهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ولد ابيسوع ولد فينحاس ولد اليعزر ولد هارون سردار ڪاهن

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 7:5
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اليعزر کي فينحاس ڄائو، فينحاس کي ابيسوع ڄائو؛


۽ ڏس، خداوند جي سڀني ڳالهين ۾ امرياہ سردار ڪاهن اوهان جي مٿان آهي، ۽ بادشاهہ جي سڀني ڳالهين ۾ زبدياہ بن اسماعيل، يهوداہ جي گهراڻي جو سردار، اوهان جي مٿان آهي: لاوي بہ اوهان جي اڳيان عملدار ٿيندا. همت سان هلو، ۽ خداوند نيڪ ماڻهن سان هجي.


۽ عزياہ سردار ڪاهن ۽ ٻين ڪاهنن ڏي نهاريو؛ ۽ ڏسن تہ هن جي پيشاني تي ڪوڙهہ آهي، تڏهن هڪدم هن کي اتان ڪڍي ڇڏيائون، هائو، هو پاڻيهي اتان تڪڙو ٿي نڪرڻ لڳو، ڇالاءِ جو خداوند هن کي ڌڪ هنيو هو.


بن زراخياہ، بن عزي، بن بقي،


اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو.


هارون جي پٽ اليعزر فوطيئل جي ڌيئرن مان هڪڙي سان شادي ڪئي، انهيءَ مان فنيحاس پيدا ٿيو. لاويءَ وارن جي ابن ڏاڏن جي خاندانن مان هي سردار سندن گهراڻن موجب هئا.


پوءِ موسيٰ هارون کي، ۽ سندس باقي رهيل پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ مان جيڪا کاڌي جي قرباني بچي آهي، سا کڻي قربانگاهہ جي ڀرسان ويهي، بنا خمير جي کائو: ڇالاءِ جو اهو تمام پاڪ آهي:


پوءِ موسيٰ گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر جي گهڻي پڇا ڪئي، ۽ ڏٺائين تہ اُهو اڳيئي سڙي ويو آهي: تنهنڪري هارون جا پٽ اليعزر ۽ اتمر، جي باقي بچيا هئا، تن تي هو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ چيائين، تہ


۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙيو، ۽ نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو؛ متان اوهين مري وڃو، ۽ متان هو ساريءَ جماعت تي ڪاوڙجي: پر اوهان جا ڀائر، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، ڀلي تہ انهن جي لاءِ جن کي خداوند ساڙيو آهي ماتم ڪن.


۽ اهي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، موسيٰ، ۽ اليعزر ڪاهن، ۽ سردارن، ۽ ساريءَ جماعت جي اڳيان اچي بيٺيون، ۽ چوڻ لڳيون تہ


۽ هارون ڪاهن جو پٽ اليعزر، لاوين جي سردارن جو سردار ٿئي، ۽ جيڪي پاڪ مڪان جي نگهباني ٿا ڪن، تن تي نظرداري ڪري.


سو موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ موسيٰ ۽ اليعزر ڪاهن، انهن هزارن ۽ سوَن جي سردارن وارو سون کڻي جماعت واري تنبوءَ ۾ آندو، تہ اهو خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي لاءِ يادگار ٿئي.


۽ موسيٰ هرهڪ قبيلي منجهان هڪ هزار ماڻهن کي جنگ تي موڪليو، ۽ اليعزر ڪاهن جي پٽ فنيحاس کي بہ، عبادتگاهہ جا ٿانو ۽ وڏي آواز واريون تُريون ڏيئي، انهن سان گڏ جنگ تي روانو ڪيائون.


۽ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي لاءِ تيسين اها عزت اختيار نٿو ڪري، جيسين ڪ هارون وانگر خدا کان سڏيو نٿو وڃي.


۽ جيڪي ملڪ بني اسرائيل کي ڪنعان جي زمين ۾ ورثو ٿي مليا سي هي آهن، ۽ اُهي اليعزر ڪاهن، ۽ يشوع بن نون، ۽ بني اسرائيل جي فرقن جي بزرگن انهن کي ورهائي ڏنا.


۽ بني اسرائيل، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسي جي اڌ فرقي ڏانهن، جلعاد جي ملڪ ۾ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي ڏياري موڪليو؛


۽ فينحاس بن اليعزر ڪاهن، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ کي چيو تہ اڄ اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي، ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي برخلاف اهو قصور نہ ڪيو آهي: هاڻي اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي هٿان ڇڏايو آهي.


۽ هارون جي پٽ اليعزر بہ وفات ڪئي؛ ۽ انهيءَ کي بہ سندس پٽ فينحاس جي ٽڪر ۾ دفن ڪيائون، جو ٽڪر هن کي افرائيم جي ڪوهستان ۾ مليو هو.


۽ فينحاس، بن اليعزر، بن هارون، انهن ڏينهن ڏينهن ۾ انهيءَ جي اڳيان بيهندو هو) ۽ چيائين تہ آءٌ وري بہ پنهنجي ڀاءُ بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃان يا بس ڪري ويهي رهان؟ ۽ خداوند چيو تہ وڃ؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي آءٌ هن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ