Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 7:25 - Sindhi Bible

25 ۽ اي عزرا، تنهنجي خدا جي حڪمت جا تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪر، تہ اُهي نديءَ جي هن ڀر جيڪي ماڻهو آهن، تن جي عدالت ڪن، اُهي سڀ اهڙا هجن جي تنهنجي خدا جي شريعت ڄاڻندا هجن، ۽ جيڪو نہ ڄاڻندو هجي، تنهن کي اوهين سيکاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 اي عزرا! پنهنجي خدا جي حڪمت موجب جيڪا تو کي مليل آهي، تون منتظمَ ۽ ججَ مقرر ڪر. اهي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جي انهن ماڻهن جو انصاف ڪن جيڪي تنهنجي خدا جي شريعت کي مڃين ٿا. پر جنهن کي شريعت جي ڄاڻ نہ هجي تنهن کي اوهين سيکاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 7:25
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرعون پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هي ماڻهو، جنهن ۾ خدا جو روح آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو اسان کي هٿ ايندو ڇا؟


پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ جڏهن خدا توکي هي سڀ سمجهايو آهي، تڏهن تو جهڙو ٻيو ڪوبہ سمجهو ۽ ڏاهو ڪونهي.


۽ اها جيڪا عدالت بادشاهہ ڪئي سا سڄي اسرائيل قوم ٻڌي؛ ۽ هو بادشاهہ کان ڊڄڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي ڏاهپ آهي.


تڏهن اسور جي بادشاهہ حڪم ڏيئي چيو تہ جن ڪاهنن کي اوهان اُتان آندو آهي، تن مان هڪڙو اُتي وٺي وڃو؛ ۽ هو وڃي اُتي رهي ۽ اُهو هنن کي ملڪ جي خدا جو رستو سيکاري.


رڳو خداوند توکي عقل ۽ سمجهہ بخشي، ۽ اسرائيل جي نسبت ۾ تنهنجي هدايت ڪري؛ تہ تون خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جي پيروي ڪرين.


انهن مان چوويهہ هزار خداوند جي گهر جي ڪم جي نگهبانيءَ لاءِ هئا؛ ۽ ڇهہ هزار عملدار ۽ قاضي هئا:


اُٿ، ڇالاءِ جو اهو ڪم تنهنجو آهي، ۽ اسين تو سان آهيون: همت جهلي اهو ڪر.


تنهنڪري هاڻي اي تتني، نديءَ جي هن ڀر جا والي، ۽ شتربوزني، ۽ اوهان جا سنگتي افرسڪين، جي نديءَ جي هن ڀر آهيو، اوهين انهيءَ هنڌ کان پري رهجو:


ڇالاءِ جو عزرا پنهنجي دل ۾، خداوند جي شريعت جو طالب رهڻ لاءِ، ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ، ۽ اسرائيل ۾ قاعدن ۽ حڪمن جي تعليم ڏيڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو هو.


هاڻي تو کي بادشاهہ ۽ سندس ست مشير روانو ٿا ڪن، تہ جيڪا تنهنجي خدا جي شريعت تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون يهوداہ ۽ يروشلم بابت پڇا ڪرين؛


۽ هنن پنهنجي جاءِ تي بيهي خداوند پنهنجي خدا جي شريعت جو ڪتاب ڏينهن جي هڪڙي پهر تائين پڙهيو؛ ۽ ٻئي پهر ۾ هنن پنهنجا گناهہ قبول ڪيا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي سجدو ڪيائون.


خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جا جان کي تازگي ٿي ڏئي: ۽ خداوند جي شاهدي سچي آهي، جا نادان کي دانائي ٿي بخشي.


ڇالاءِ جو خداوند ڏاهپ ڏئي ٿو؛ هن جي وات مان علم ۽ سمجهہ اچن ٿا:


ڇالاءِ جو حڪم هڪڙو ڏيئو آهي؛ ۽ قاعدو نور آهي؛ ۽ تعليم جون فهمائشون حياتيءَ جو رستو آهن:


ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي.


هن چين تہ تنهنڪري هرڪو فقيهہ جو آسمان جي بادشاهت جو شاگرد ٿيو آهي، سو انهي گهر جي مالڪ وانگر آهي، جو پنهنجي خزاني مان نيون ۽ پراڻيون شيون ڪڍي ٿو اچي.


پوءِ هو لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙاڪو ڏٺائين، ۽ هن کي مٿن رحم آيو، ڇالاءِ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا؛ ۽ هو کين گهڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.


تون پنهنجن قبيلن جي سڀني ڳوٺن ۾، جيڪي خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، پنهنجي قبيلن موجب قاضي ۽ حاڪم مقرر ڪج: تہ اهي سچائيءَ سان ماڻهن جي عدالت ڪن.


جنهن جي منادي ڪري اسين سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي نصيحت ٿا ڪريون، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پوري دانائيءَ سان تعليم ٿا ڏيون، انهي لاءِ تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي اسين مسيح ۾ ڪامل ڪري پيش ڪريون.


پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ