Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 7:15 - Sindhi Bible

15 ۽ جيئن اسرائيل جي خدا جو گهر يروشلم ۾ آهي، تنهن جي لاءِ جيڪو سون ۽ روپو، بادشاهہ ۽ سندس مشيرن خوشيءَ سان نذرانو ڪري پيش ڪيو آهي، سو کڻي وڃين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 انهيءَ کان سواءِ تون پاڻ سان سون ۽ چاندي بہ کڻي وڃ جيڪا مون ۽ منهنجي مشيرن خوشيءَ سان بني اسرائيل جي خدا لاءِ ڏني آهي، جنهن جو گھر يروشلم ۾ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 7:15
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اباڻي گهراڻن جي سردارن، ۽ اسرائيل جي فرقن جي سردارن، ۽ هزارن ۽ سوَن جي سردارن ۽ شاهي ڪم جي مقدمن پنهنجي رضامنديءَ سان؛


پر جڏهن آسمان، ۽ آسمانن جي آسمان ۾ بہ اهو سمائجي نٿو سگهي، تڏهن ڪير هن جي لاءِ گهر جوڙي ٿو سگهي؟ تڏهن آءٌ ڪير آهيان جو هن جي لاءِ گهر جوڙيان، سواءِ انهيءَ جي تہ هن جي اڳيان فقط لوبان ساڙيان؟


۽ گهڻن ماڻهن يروشلم جي خداوند لاءِ نذرانا، ۽ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي لاءِ قيمتي شيون آنديون: جنهنڪري هو انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي سڀني قومن جي نظر ۾ جلال وارو ٿيو.


پر مون تنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو آهي، ۽ هڪڙي اهڙي جاءِ جوڙي اٿم جتي تون هميشہ رهين.


پر مون يروشلم پسند ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو نالو اُتي رهي، ۽ دائود کي پسند ڪيو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي قوم اسرائيل تي بادشاهہ ٿئي.


۽ ٻيا جيڪي انهن جي آس پاس هئا، تن چانديءَ جي باسڻن، ۽ سون، ۽ مال متاع، ۽ جانورن ۽ قيمتي شين سان هنن کي مدد ڏيئي مضبوط ڪيو، ۽ انهيءَ کانسواءِ دل جي خوشيءَ جا نذرانا بہ ڏنائون.


۽ جنهن خدا پنهنجو نالو اتي قائم ڪرايو آهي، سو شل انهن سڀني بادشاهن ۽ ماڻهن کي ناس ڪري، جي يروشلم ۾ هن خدا جي گهر جي ناس ڪرڻ لاءِ، هن حڪم ڦيرائڻ واسطي پنهنجو هٿ ڊگهيرين. مون دارا، هي حڪم جاري ڪيو آهي؛ انهيءَ جي گهڻيءَ ڪوشش سان تعميل ڪئي وڃي.


وڏن پٿرن جي ٽن قطارن، ۽ نئين ڪاٺ جي هڪڙي قطار سان: ۽ انهيءَ جو ڪل خرچ بادشاهہ جي گهر مان ڏجي:


هاڻي تو کي بادشاهہ ۽ سندس ست مشير روانو ٿا ڪن، تہ جيڪا تنهنجي خدا جي شريعت تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون يهوداہ ۽ يروشلم بابت پڇا ڪرين؛


۽ انهن کي چاندي ۽ سون ۽ باسڻ توري ڏنم، يعني جيڪو نذرانو بادشاهہ، ۽ سندس مشيرن، ۽ سندس اميرن، ۽ جيڪي اسرائيلي اتي حاضر هئا، تن اسان جي خدا جي گهر لاءِ ڏنو هو:


خداوند جو يروشلم ۾ ٿو رهي، سو شل صيون ۾ مبارڪ هجي. اوهين خداوند جي تعريف ڪريو.


اي خداوند، آءٌ تنهنجي رهڻ جي گهر، ۽ تنهنجي جلال واريءَ جاءِ کي پيار ٿو ڪريان.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ سوغاتون آڻيندا؛ ۽ صبا ۽ شيبا جا بادشاهہ نذرانا پيش ڪندا.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ مڃتائون مڃي پوريون ڪريو: ۽ اوهين سڀيئي جي هن جي چوڌاري بيٺا آهيو، انهي جي لاءِ، جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، نذرانا آڻيو.


سالم ۾ هن جو خيمو آهي، ۽ صيون ۾ هن جي رهڻ جي جاءِ آهي.


خداوند جي تعريف ڳايو، جو صيون ۾ ٿو رهي؛ ۽ ماڻهن ۾ سندس ڪمن جو بيان ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ