Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 7:14 - Sindhi Bible

14 هاڻي تو کي بادشاهہ ۽ سندس ست مشير روانو ٿا ڪن، تہ جيڪا تنهنجي خدا جي شريعت تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون يهوداہ ۽ يروشلم بابت پڇا ڪرين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هاڻي آءٌ ۽ منهنجا ست مشير تو کي چئون ٿا تہ تون يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ وڃي اهو معلوم ڪر تہ خدا جي شريعت جنهن جو تون عالم آهين، تنهن جي ڪيتري قدر اطاعت ڪئي وڃي ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 7:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي تہ چڙهي يروشلم ۾ وڃي، جو يهوداہ ۾ آهي؛ ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو گهر جوڙي، (جو اُهوئي خدا آهي) جو يروشلم ۾ آهي.


بادشاهہ کي نيڪ روشن هجي تہ اسين يهوداہ جي پرڳڻي ۾، وڏي خدا جي گهر ۾ وياسين، جو وڏن پٿرن سان جڙيل آهي، ۽ ڪاٺ ڀتين تي رکيل آهي، ۽ اهو ڪم ڪوشش سان پيو هلي، ۽ انهن جي هٿن ۾ چڱيءَ طرح وڌندو پيو وڃي.


۽ جنهن خدا پنهنجو نالو اتي قائم ڪرايو آهي، سو شل انهن سڀني بادشاهن ۽ ماڻهن کي ناس ڪري، جي يروشلم ۾ هن خدا جي گهر جي ناس ڪرڻ لاءِ، هن حڪم ڦيرائڻ واسطي پنهنجو هٿ ڊگهيرين. مون دارا، هي حڪم جاري ڪيو آهي؛ انهيءَ جي گهڻيءَ ڪوشش سان تعميل ڪئي وڃي.


تنهن کانسواءِ آءٌ هي حڪم ٿو ڪريان، تہ خدا جي هن گهر جوڙڻ لاءِ، يهودين جي بزرگن سان ڪهڙي هلت ڪجو: بادشاهہ جي مال مان، يعني نديءَ جي هن ڀر جي ڍل مان، ڏاڍي ڪوشش سان هنن ماڻهن کي خرچ پهچايو وڃي، تہ هنن کي روڪ نہ ٿئي.


۽ جيئن اسرائيل جي خدا جو گهر يروشلم ۾ آهي، تنهن جي لاءِ جيڪو سون ۽ روپو، بادشاهہ ۽ سندس مشيرن خوشيءَ سان نذرانو ڪري پيش ڪيو آهي، سو کڻي وڃين،


۽ جنهن، بادشاهہ ۽ سندس مشيرن ۽ سڀني زور وارن اميرن جي اڳيان مون تي رحم ڪيو. ۽ منهنجي خدا جو هٿ جو مون تي هو، تنهن موجب مون کي طاقت ملي، ۽ مون اسرائيل مان مکيہ ماڻهو گڏ ڪيا، تہ مون سان گڏجي هلن.


۽ انهن کي چاندي ۽ سون ۽ باسڻ توري ڏنم، يعني جيڪو نذرانو بادشاهہ، ۽ سندس مشيرن، ۽ سندس اميرن، ۽ جيڪي اسرائيلي اتي حاضر هئا، تن اسان جي خدا جي گهر لاءِ ڏنو هو:


۽ جن جو بادشاهہ کان ٻيو درجو هو، ۽ ڪارشينا، ستار، ادماتا، ترسيس، مرس، مرسنا ۽ مموڪان، جي فارس ۽ مادي جا ست امير، جي بادشاهہ جو منهن ڏسندا هئا، ۽ بادشاهت ۾ اول درجي تي ويهندا هئا:)


شريعت ڏي ۽ شاهديءَ ڏانهن نظر ڪريو! جيڪڏهن اُهي هن ڪلام موافق نہ ڳالهائين، تہ يقيناً هنن جي لاءِ صبح ڪونہ ٿيندو.


بادشاهہ داني ايل کي ورندي ڏيئي چيو تہ حقيقت ڪري اوهان جو خدا، معبودن جو خدا، ۽ بادشاهن جو خداوند، ۽ ڳجهن جو ظاهر ڪندڙ آهي، جو تون هي ڳجهہ ظاهر ڪري سگهيو آهين.


۽ جڏهن هو غار وٽ پهتو تڏهن داني ايل کي پڪاري، ڏک جهڙي آواز سان چيائينس، تہ اي داني ايل، جيئري خدا جا ٻانها، جنهن پنهنجي خدا جي تون هميشہ عبادت ڪندو آهين، سو توکي شينهن کان ڇڏائي سگهيو آهي يا نہ؟


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي بادشاهت جي سڀني ڀاڱن ۾ ماڻهو داني ايل جي خدا جي حضور ڏڪن ۽ ڊڄن: ڇالاءِ جو اهو ئي جيئرو خدا آهي ۽ هميشہ قائم آهي، ۽ هن جي بادشاهت اهڙي آهي جا ناس ٿيڻ جي ڪانهي، ۽ هن جي حڪومت پڇاڙيءَ تائين قائم رهندي.


تون اڄ ئي يوسياہ بن صفنياہ جي گهر وڃ، جتي بابل جي قيدين مان خلدي، ۽ طوبياہ، ۽ يدعياہ اچي ٽڪيا آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ