Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 7:13 - Sindhi Bible

13 آءٌ حڪم ٿو ڪريان، تہ جيڪي بني اسرائيلي، ۽ سندن ڪاهن لاوي، جي منهنجي بادشاهت ۾ آهن، ۽ جن جي مرضي آهي تہ يروشلم ۾ وڃن، سي سڀ ڀلي تو سان گڏجي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 آءٌ حڪم ٿو جاري ڪريان تہ منهنجي شهنشاهت مان بني اسرائيل جا ماڻهو، ڪاهنن ۽ لاوين سميت جيڪي بہ تو سان گڏ يروشلم ڏانهن وڃڻ گھرن سي ڀلي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 7:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هنن اهو حڪم جاري ڪيو تہ ساري اسرائيل ۾، بيرسبع کان وٺي دان تائين، اشتهار ڪجي تہ سڀ ماڻهو خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ فسح جي عيد ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ اچن: ڇالاءِ جو هنن تمام گهڻن ماڻهن سان گڏجي اهڙي طرح عيد نہ ڪئي هئي، جيئن ڪ لکيل آهي.


انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي تہ چڙهي يروشلم ۾ وڃي، جو يهوداہ ۾ آهي؛ ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو گهر جوڙي، (جو اُهوئي خدا آهي) جو يروشلم ۾ آهي.


پر بابل جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، خورس بادشاهہ خدا جي هن گهر جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو.


تڏهن دارا بادشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو، ۽ بابل ۾ جنهن دفترخاني ۾ خزانا رکيل هئا، تن جي تلاشي ورتي ويئي.


بادشاهہ جي حڪم موجب ٽپالي سعيي سان روانا ٿيا، ۽ اهو حڪم سوسن جي محلات ۾ بہ پڌرو ڪيو ويو: ۽ بادشاهہ ۽ هامان گڏجي شراب پيئڻ ويٺا؛ پر سوسن جو شهر حيران ٿي ويو.


۽ بادشاهہ ائين ڪرڻ جو حڪم ڏنو؛ ۽ سوسن ۾ اهڙو فرمان جاري ٿي ويو؛ ۽ هامان جا ڏهہ پٽ سوريءَ تي چاڙهيا ويا.


تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن.


هن انهن کي هميشہ جي لاءِ قائم ڪيو آهي: هن هڪڙو قانون جاري ڪيو جو ڪڏهن زمين تان مٽجڻ جو نہ آهي.


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي بادشاهت جي سڀني ڀاڱن ۾ ماڻهو داني ايل جي خدا جي حضور ڏڪن ۽ ڊڄن: ڇالاءِ جو اهو ئي جيئرو خدا آهي ۽ هميشہ قائم آهي، ۽ هن جي بادشاهت اهڙي آهي جا ناس ٿيڻ جي ڪانهي، ۽ هن جي حڪومت پڇاڙيءَ تائين قائم رهندي.


ڇالاءِ جو اهو خدا ئي آهي، جو اوهان ۾ پنهنجي نيڪ ارادي کي پوري ڪرڻ لاءِ نيت ۽ عمل ٻئي پيدا ٿو ڪري.


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ