Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 7:10 - Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو عزرا پنهنجي دل ۾، خداوند جي شريعت جو طالب رهڻ لاءِ، ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ، ۽ اسرائيل ۾ قاعدن ۽ حڪمن جي تعليم ڏيڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اهو انهيءَ ڪري هو جو عزرا خداوند جي شريعت جي مطالعي ڪرڻ، مٿس عمل ڪرڻ ۽ بني اسرائيل ۾ قاعدن قانونن جي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 7:10
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا، يعني ابرهام، اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، پنهنجي قوم جي دل جي خيال ۽ رويا ۾ اها ڳالهہ سدائين ڄمائي رک، ۽ سندن دل کي پنهنجي لاءِ تيار ڪر:


۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خراب هئا، ڇالاءِ جو خداوند جي طلب ۾ هن پنهنجي دل نہ لڳائي.


انهيءَ هوندي بہ تو ۾ ڪي چڱيون ڳالهيون لڀن ٿيون، جو تو هن ملڪ مان يسيرت ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي خدا جي ڳولا ۾ دل لڳائي اٿيئي.


۽ اهي سڀيئي لاوي جي خداوند جي عبادت ۾ ماهر هئا، تن سان حزقياہ دلاسو ڏيئي ڳالهايو. تن عيد جا ست ئي ڏينهن کاڄ کاڌا، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون، ۽ خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جا شڪرانا بجا آندائون.


هاڻي عزرا ڪاهن ۽ استاد، يعني خداوند جي اسرائيل کي ڏنل حڪمن جي ڪلام، ۽ قاعدن جي اُستاد کي جيڪو خط ارتخششتا بادشاهہ ڏنو، تنهن جو نقل هي آهي.


۽ اي عزرا، تنهنجي خدا جي حڪمت جا تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪر، تہ اُهي نديءَ جي هن ڀر جيڪي ماڻهو آهن، تن جي عدالت ڪن، اُهي سڀ اهڙا هجن جي تنهنجي خدا جي شريعت ڄاڻندا هجن، ۽ جيڪو نہ ڄاڻندو هجي، تنهن کي اوهين سيکاريو.


اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو.


جيڪڏهن تون پنهنجي دل سنئين رکندين، ۽ پنهنجا هٿ هن ڏي ڊگهيريندين


پر انهي جي خوشي خداوند جي شريعت ۾ آهي؛ ۽ رات ڏينهن سندس شريعت تي غور ٿو ڪري.


اي خداوند، تو نماڻن جي خواهش ٻڌي آهي: تون انهن جي دل کي تيار ڪندين، تون ڪن ڏيئي ٻڌندين:


مون پنهنجي دل تنهنجي قانونن سان لڳائي آهي، تہ آءٌ هميشہ، بلڪ توڙ تائين انهن تي هلان.


۽ آءٌ آزاديءَ سان هلندو رهندس؛ ڇو جو آءٌ تنهنجن قاعدن جو طالب آهيان.


خداوند جي شريعت ڪامل آهي، جا جان کي تازگي ٿي ڏئي: ۽ خداوند جي شاهدي سچي آهي، جا نادان کي دانائي ٿي بخشي.


منهنجي دل قائم آهي، اي خدا، منهنجي دل قائم آهي: آءٌ گيت ڳائي تعريف ڪندس.


ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي.


تنهنڪري جيڪو بہ هنن تمام ننڍن حڪمن مان هڪڙو ڀڃندو، ۽ ماڻهن کي ائين سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهت ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ائين سيکاريندو، سو ئي آسمان جي بادشاهت ۾ وڏو سڏبو.


تنهنڪري جيڪو بہ ماڻهو منهنجو هي ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ اُنهيءَ تي عمل ٿو ڪري، سو اُنهي ڏاهي ماڻهوءَ جي مثل آهي جنهن پنهنجو گهر ٽڪر تي اڏايو.


جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجهي انهن تي هلندا تہ مبارڪ آهيو.


جنهن ڏينهن يسوع پنهنجي چونڊيلن رسولن کي پاڪ روح جي معرفت حڪم ڏيئي مٿي کڄي ويو،


۽ تون اهو ياد رکج تہ تون پاڻ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين: تنهنڪري تون هنن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪج.


اهي يعقوب کي تنهنجا فيصلا، ۽ اسرائيل کي تنهنجي شريعت سيکاريندا، اهي تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙيندا، ۽ تنهنجيءَ قربانگاهہ تي پوري قرباني چاڙهيندا.


تنهنڪري نگهبان کي گهرجي تہ بنا الزام هڪڙيءَ زال جو مڙس، پرهيزگار، سنجيدو، باقاعدي هلڻ وارو، مهمان نواز، تعليم ڏيڻ ۾ ماهر؛


تہ تون ڪلام جي منادي ڪر، وقت بي وقت تيار رهہ؛ هر طرح جي تحمل ۽ تعليم سان سمجهائي، ملامت ۽ نصيحت سان قائل ڪر.


پر تون انهن ڳالهين جو بيان ڪج، جي صحيح تعليم موجب آهن:


تون پوريءَ اختياريءَ سان انهن ڳالهين جو بيان ڪج ۽ نصيحت ڪج، ۽ ملامت ڪج؛ ۽ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي حقارت نہ ڪري.


مبارڪ آهن اُهي، جي پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ٿا ڪن، اُهي زندگيءَ جي وڻ جا حقدار ٿيندا ۽ انهي شهر ۾ درن مان گهڙندا.


۽ سموئيل اسرائيل جي ساري گهراڻي کي چيو تہ اوهين جيڪڏهن پنهنجي سچي دل سان خداوند ڏانهن موٽو تہ ڌارين معبودن کي، ۽ عستارات کي، پاڻ منجهان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيو، ۽ پنهنجين دلين کي خداوند جي لاءِ تيار ڪريو، ۽ فقط انهي جي بندگي ڪريو: تہ اُهو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ