Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:22 - Sindhi Bible

22 ۽ هنن ست ڏينهن خوشيءَ سان بي خميري مانيءَ جي عيد ڪئي: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي خوش ڪيو هو، ۽ اسور جي بادشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي هئي، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي خدا جي گهر جي ڪم ۾ هنن جي هٿن کي مضبوط ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 پوءِ هنن ست ڏينهن خوشيءَ وچان بي‌خميري مانيءَ جي عيد ملهائي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اشور جي شهنشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي کين خوشي عطا ڪئي هئي. انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل جي خدا جي گھر جي تعمير واري ڪم ۾ شهنشاهہ هنن جي مدد ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:22
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جي ڏينهن ۾ فرعون نڪوہ، مصر جو بادشاهہ، اسور جي بادشاهہ تي ڪاهہ ڪري فرات نديءَ تائين ويو: ۽ يوسياہ بادشاهہ سندس مقابلو ڪيو، ۽ مجدو ۾ جڏهن هن ڏٺس تڏهن ماري وڌائينس.


۽ يهويدع خداوند جي گهر جو ڪم انهن لاوي ڪاهنن جي هٿ هيٺ رکيو، جن کي دائود خداوند جي گهر ۾ انهيءَ لاءِ ورهائي ڇڏيو هو، تہ خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون، جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهن، تيئن خوشين ڪرڻ سان، ۽ ڳائڻ سان، دائود جي حڪم موجب ادا ڪن.


تنهن کانسواءِ حزقياہ بادشاهہ ۽ اميرن، لاوين کي حڪم ڏنو تہ دائود جي، ۽ آسف غيب دان جي، لفظن ۾ خدا جي تعريف جا راڳ ڳائين. ۽ هنن خوشيءَ سان راڳ ڳايا ۽ هنن پنهنجا سر جهڪايا ۽ سجدو ڪيائون.


۽ جيڪي بني اسرائيل يروشلم ۾ حاضر هئا، تن ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ستن ڏينهن تائين اڻ خميري مانيءَ جي عيد ڪئي: ۽ لاوين ۽ ڪاهنن روز بروز خداوند جي تعريف پئي ڪئي، ۽ زور سان ساز وڄائي خداوند لاءِ پئي گيت ڳايائون.


جنهنڪري خداوند هنن تي اسور جي بادشاهہ جي لشڪر جا سردار آندا، جن منسي کي زنجيرن ۾ قابو ڪيو، ۽ ٻيڙين سان ٻڌي بابل ڏي کڻي ويس.


۽ جيڪي بني اسرائيل حاضر هئا، تن انهيءَ وقت فسح جي عيد ۽ اڻ خميري مانيءَ جي عيد ست ڏينهن ڪئي.


هاڻي فارس جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان ڪيل پورو ٿئي، خداوند، فارس جي بادشاهہ خورس جي دل ۾ وڌو، ۽ هن پنهنجي سڄي بادشاهت ۾ منادي ڪرائي، ۽ لکيل اشتهار بہ موڪليائين جنهن ۾ چيائين، تہ


تڏهن دارا بادشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو، ۽ بابل ۾ جنهن دفترخاني ۾ خزانا رکيل هئا، تن جي تلاشي ورتي ويئي.


خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن بادشاهہ جي دل ۾ اهڙي ڳالهہ وڌي آهي، تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گهر آهي، سو سينگارجي؛


پر اُهو سڄو وقت آءٌ يروشلم ۾ نہ هوس: ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ ارتخششتا جي ٻٽيهين سال ۾ آءٌ انهيءَ بادشاهہ وٽ موٽي ويس، ۽ ڪن ڏينهن کانپوءِ بادشاهہ کان موڪل گهريم:


جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا رستا خداوند کي راضي ڪن ٿا، تڏهن هو انهي جي دشمنن کي بہ هن سان صلح ۾ رهائي ٿو.


بادشاهہ جي دل خداوند جي هٿ ۾ پاڻيءَ جي نهرن وانگي آهي: هو انهيءَ کي جيڏانهن وڻيس ٿو تيڏانهن ڦيرائي ٿو.


بابلي ۽ سڀ ڪسدي، فقود ۽ شوع، ۽ قوع، انهن سان گڏ سڀ اسوري: دلپسند جوان مرد، سڀيئي نواب ۽ حاڪم، سردار ۽ ناميارا ماڻهو، سڀ گهوڙن تي چڙهيل.


هاڻي فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن شاگردن يسوع کي اچي چيو تہ تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ لاءِ ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟


يسوع جواب ڏنس تہ جيڪڏهن توکي اُها مٿان نہ ملي ها، تہ تنهنجي مون تي ڪابہ اختياري ڪانہ هلي ها، تنهنڪري جنهن مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي، تنهن تي زيادہ گناهہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ