Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:21 - Sindhi Bible

21 ۽ بني اسرائيل، جي وري بہ قيد مان ڇُٽي آيا هئا، ۽ اُهي ماڻهو جي ملڪ جي غير قومن جي گندگيءَ مان نڪري، پاڻ کي ڌار ڪري، خداوند اسرائيل جي خدا جي ڳولڻ لاءِ هنن وٽ آيا هئا، تن سڀني کاڌو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 سو بني اسرائيل جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي آيا هئا ۽ اُهي ماڻهو جيڪي ملڪ جي غير قومن جي گندگيءَ مان نڪري پاڻ کي ڌار ڪري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ هنن وٽ آيا هئا، تن سڀني گڏجي کاڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جو خدا، خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي طلب ۾ پنهنجي دل لڳائي ٿو، جيتوڻيڪ هو پاڪ مڪان جي پاڪ ڪرڻ جي دستور موجب پاڪ نہ ٿيو هجي.


هاڻي جڏهن هي ڪم پورا ٿيا، تڏهن امير مون وٽ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اسرائيل جي ماڻهن، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين پاڻ کي ماڻهن کان ڌار نہ ڪيو آهي، ۽ انهن جي ڪراهت وارن دستورن موجب هليا آهن، يعني ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ عمونين، ۽ موآبين، ۽ مصرين، ۽ امورين جي دستورن موجب:


جي تو پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت ڏنا، ۽ تو فرمايو تہ جنهن زمين جي قبضي وٺڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، سا غير قومن جي ناپاڪيءَ ڪري، ۽ جن نفرت جهڙن ڪمن سبب اُها هڪڙي پاسي کان وٺي ٻئي پاسي تائين گندگيءَ سان ڀريل آهي، تن ڪري ناپاڪ زمين آهي؛


۽ باقي ٻيا ماڻهو، ڪاهن، لاوي، دربان، ڳائڻ وارا، نتينيم، ۽ اُهي سڀ جن پاڻ کي خدا جي شريعت لاءِ اُنهن ملڪن جي قومن کان ڌار ڪيو هو، سندن زالون، سندن پٽ ۽ سندن ڌيئرون، اُهي سڀ جن کي عقل ۽ علم هو؛


۽ اسرائيل جي نسل وارن پاڻ کي ٻين سڀني غير قومن کان ڌار ڪيو، ۽ بيهي پنهنجا گناهہ ۽ پنهنجن ابن ڏاڏن جا ڏوهہ قبول ڪرڻ لڳا.


اي خداوند هميشہ جي لاءِ تنهنجيون شاهديون بلڪل سچيون آهن: ۽ پاڪيزگي هميشہ تنهنجي گهر جي لائق آهي.


اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.


۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


تنهنڪري اوهين انهن منجهان نڪري اچو ۽ ڌار ٿيو، ۽ ڪنهن بہ پليت شئي کي هٿ نہ لايو، ۽ آئون اوهان کي قبول ڪندس؛


تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ