Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:20 - Sindhi Bible

20 ڇالاءِ جو ڪاهنن، ۽ لاوين گڏجي پاڻ کي پاڪ ڪيو هو، اُهي سڀيئي پاڪ هئا: ۽ انهن سڀني قيد مان آيل ماڻهن جي لاءِ، ۽ پنهنجن ڀائرن ڪاهنن جي لاءِ، ۽ پنهنجي لاءِ فسح جون قربانيون ذبح ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيئن تہ ڪاهنن ۽ لاوين پاڻ کي پاڪ ڪيو هو سو اهي سڀ جو سڀ پاڪ هئا. پوءِ جلاوطنيءَ مان سڀني موٽي آيلن لاءِ، پنهنجن ڀائر ڪاهنن لاءِ ۽ پنهنجي لاءِ لاوين عيد فصح جي قربانيءَ جا گھيٽا ذبح ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:20
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ڪاهن تمام ٿورا هئا، جنهنڪري اهي سڀني سوختني قربانين جون کلون لاهي نہ سگهيا: انهيءَ ڪري هنن جي ڀائرن لاوين انهن کي مدد ڏني، ۽ اهو ڪم پورو ٿيو؛ ۽ ڪاهنن پاڻ کي پاڪ ڪيو: ڇالاءِ جو لاوي ڪاهنن کان وڌيڪ پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ سالم دل وارا هئا.


پوءِ هنن فسح جون قربانيون ذبح ڪيون، ۽ ڪاهنن انهن جي هٿان رت وٺي ڇاٽاريو، ۽ لاوين انهن جون کلون لاٿيون.


تنهن کانپوءِ هنن پنهنجي لاءِ ۽ ڪاهنن جي لاءِ تياري ڪئي؛ ڇالاءِ جو هارون جا پٽ ڪاهن رات تائين ساڙڻ وارين قربانين چاڙهڻ ۾ مشغول هئا: تنهنڪري لاوين پنهنجي لاءِ ۽ هارون جي پٽن يعني ڪاهنن لاءِ تياري ڪئي.


۽ آسف جا پٽ ڳائڻ وارا، دائود، ۽ آسف، ۽ هيمان، ۽ بادشاهہ جي غيب دان يدوتون جي حڪم موجب، پنهنجي جاءِ تي هئا؛ ۽ دربان سڀ ڪنهن در تي حاضر هئا: هنن کي پنهنجي خدمت ڇڏي نڪرڻ جو ضرور ڪونہ هو، ڇالاءِ جو هن جي ڀائرن لاوين، سندن لاءِ تياري پئي ڪئي.


تنهن کان پوءِ موسيٰ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گهرائي چيو تہ اوهين پنهنجن خاندانن موجب پنهنجا گهيٽا چونڊيو، ۽ وڃي اهو فسح جو گهيٽو ذبح ڪريو.


جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ