Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:17 - Sindhi Bible

17 ۽ انهيءَ خدا جي گهر جي تصدق ڪرڻ لاءِ، هنن هڪ سؤ ڍڳا، ٻہ سؤ گهٽا، ۽ چار سؤ گهيٽا قربان ڪيا؛ ۽ سڄي اسرائيل جي طرفان گناهہ جي قربانيءَ لاءِ اسرائيل جي فرقن جي شمار موجب، ٻارهن ٻڪر قرباني ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 خدا جي انهيءَ گھر کي مخصوص ڪرڻ وقت هنن هڪ سؤ ڍڳا، ٻہ سؤ گھٽا، چار سؤ گھيٽا قربان ڪيا ۽ سڄي بني اسرائيل طرفان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ٻارهن ٻڪر، هر هڪ قبيلي طرفان هڪ ٻڪر جي حساب سان قربان ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:17
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب، جنهن وٽ خدا جو ڪلام آيو تہ تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو، تنهن جي پٽن جي فرقن جي تعداد موجب ايلياہ ٻارهن پٿر کنيا.


۽ بادشاهہ ۽ ساڻس گڏ ساري اسرائيل جي قوم خداوند جي اڳيان قرباني چاڙهي.


پوءِ ڪاهنن انهن کي ڪُٺو ۽ انهن جي رت سان قربانگاهہ تي هنن گناهہ جي قرباني ڪئي، تہ ساري بني اسرائيل قوم جو ڪفارو ٿئي: ڇالاءِ جو بادشاهہ حڪم ڏنو هو تہ سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ساري بني اسرائيل قوم جي لاءِ ڪرڻ ۾ اچي.


۽ سليمان بادشاهہ ٻاويهہ هزار ڏاند، ۽ هڪ سؤ ويهہ هزار رڍون قربان ڪيون. انهيءَ طرح بادشاهہ ۽ سڄي قوم خدا جي گهر کي مخصوص ڪيو.


جيڪي قيدي، شهر نيڪاليءَ کان موٽي آيا هئا، تن اسرائيل جي خدا لاءِ هي سوختني قربانيون چاڙهيون، ٻارنهن ڍڳا سڄي اسرائيل لاءِ، ڇهانوي گهٽا، ستهتر گهيٽا، ۽ ٻارنهن ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: اهي سڀ خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ لاءِ هئا.


تہ جيڪڏهن سندس ڪيل گناهہ کيس معلوم ٿئي، تہ پوءِ هو پنهنجي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ٻڪري آڻي، جا بي عيب هجي، ۽ پنهنجي ڪيل گناهہ جي لاءِ پيش ڪري.


۽ جيڪڏهن ڪو مسح ڪيل ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري جنهنڪري سڄي اُمت ڏوهاري ٿئي؛ تہ پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هڪڙو بي عيب وهڙو خداوند جي حضور ۾ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.


تہ اوهين منهنجيءَ بادشاهت ۾ مون سان گڏ ميز تي کائو پيئو؛ ۽ اوهين تختن تي ويهي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي عدالت ڪندا.


هن جي ڀت وڏي ۽ مٿانهين هئي؛ ۽ ٻارهن در هئس، جن تي ٻارهن ملائڪ هئا؛ ۽ انهن تي بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ