Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:15 - Sindhi Bible

15 ۽ دارا بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ڇهين سال ۾، آدار مهيني جي ٽين تاريخ، اهو گهر پورو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 اهڙيءَ طرح دارا شهنشاهہ جي شاهيءَ جي ڇهين سال ۾ ادار مهيني جي ٽين تاريخ تي هيڪل جڙي راس ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:15
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي سلامتيءَ جون قربانيون سليمان خداوند جي اڳيان چاڙهيون، تن جي لاءِ هن ٻاويهہ هزار ڏاند، ۽ هڪ لک ويهہ هزار رڍون پيش ڪيون. انهيءَ طرح بادشاهہ ۽ ساري اسرائيل خداوند جو گهر مخصوص ڪيو.


تڏهن خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، تنهن جو ڪم بند رهيو؛ ۽ اهو فارس جي بادشاهہ دارا جي بادشاهي جي ٻئي ورهيہ تائين بند هو.


تڏهن انهيءَ ساڳئي شيسبضر، يروشلم ۾ خدا جي گهر جو اچي بنياد وڌو: ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هن وقت تائين، اهو پئي جڙيو آهي ۽ اڃا پورو نہ ٿيو آهي.


ڇالاءِ جو اسين غلام آهيون؛ انهيءَ هوندي بہ اسان جي خدا اسان کي غلاميءَ ۾ بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر فارس جي بادشاهن جي نظر ۾ اسان کي رحم عطا ڪيو اٿس، جو اسان کي تازو ڪيو اٿس، تہ پنهنجي خدا جو گهر کڙو ڪريون، ۽ ان جي ڀڳل ڀريل حصن جي مرمت ڪريون، ۽ اسان کي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ ڀت ڏني اٿس.


۽ ٽپال جي رستي بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن ڏانهن بہ لکيو ويو، تہ سڀني يهودين، ننڍن وڏن، ننڍن ٻارن توڙي زالن کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾، يعني ٻارهون مهينو، جو ادار جو مهينو آهي، تنهن جي تيرهين تاريخ، ناس ڪري، ڪُهي، چٽ ڪرائي ڇڏين، ۽ انهن جو مال ملڪيت پنهنجي لاءِ کڻن.


بادشاهہ اخسويرس جي بادشاهت جي ٻارهين سال جي پهرين مهيني ۾، جو نيسان جو مهينو آهي، هنن هامان جي روبرو پور يعني ڪُڻو وڌو، ۽ اُهو روز بروز، ۽ ماهہ بماهہ، ٻارهين مهيني تائين، جو ادار جو مهينو آهي، وجهندا رهيا.


بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾، يعني ٻارهون مهينو، جو آدار جو مهينو آهي، تنهن جي تيرهين تاريخ هڪڙي ئي ڏينهن، ائين ڪيو وڃي.


هاڻي ٻارهين مهيني، يعني آدار مهيني جي تيرهين تاريخ جڏهن بادشاهہ جي حڪم ۽ فرمان جي تعميل ٿيڻ جو وقت اچي ويجهو ٿيو، جنهن ڏينهن يهودين جي دشمنن کي اُميد هئي تہ انهن تي غالب ٿيندا؛ ۽ ڳالهہ انهيءَ جي اُبتڙ ٿي پيئي، جو يهودي پنهنجن دشمنن تي غالب پيا،


پوءِ جيڪي يهودي سوسن ۾ هئا، سي آدار مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ گڏ ٿيا، ۽ ٽي سؤ ماڻهو سوسن ۾ ڪُٺائون؛ پر لٽ جي مال کي هنن هٿ نہ لاتو.


اهو سڀ ادار مهيني جي تيرهين تاريخ ڪيو ويو، ۽ ساڳئي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ هنن آرام ورتو، ۽ اُهو ڏينهن مانيءَ جي مجلس ۽ خوشيءَ جو ڪيائون.


تنهنڪري جيڪي ڳوٺن جا يهودي بنا ڀتين شهرن ۾ ٿا رهن، سي ادار مهيني جي چوڏهين تاريخ خوشيءَ ۽ مانيءَ جي مجلس جو ڏينهن ۽ وڏو ڏينهن ڪري ملهائيندا آهن، ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا موڪليندا آهن.


جن ۾ انهن کي تاڪيد ڪيائين تہ آدار مهيني جي چوڏهين تاريخ، ۽ پندرهين تاريخ وارا ڏينهن هر سال عيد ڪن،


دارا جي ٻئي سال جي اٺين مهيني ۾ خداوند جو ڪلام زڪرياہ بن برڪياہ بن عدو نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يروشلم ۾ رحم سان موٽيو آهيان. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو گهر اُنهيءَ ۾ جوڙيو ويندو؛ ۽ يروشلم جي مٿان ماپڻ جي ڏوري وري ڇڪي ويندي.


زروبابل جي هٿن هن گهر جو بنياد وڌو آهي، ۽ اُنهيءَ جا هٿ ئي هن کي پورو ڪندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ