Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:14 - Sindhi Bible

14 ۽ يهودين جي بزرگن، حجي نبيءَ، ۽ زڪرياہ بن عدو جي نبوت جي وسيلي عمارت شروع ڪئي ۽ فتحياب ٿيا. ۽ اسرائيل جي خدا جي حڪم موجب، ۽ فارس جي بادشاهہ خورس ۽ دارا ۽ ارتخششتا جي فرمان موجب، عمارت جوڙي تيار ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 سو حجي ۽ زڪرياہ نبين جي پيغامن مطابق يهودين جي اڳواڻن تعمير جو ڪم جاري رکيو. هنن بني اسرائيل جي خدا جي حڪم موجب ۽ فارس جي بادشاهن خورس، دارا ۽ ارتخششتا جي فرمانن موجب هيڪل جوڙي تيار ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:14
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي انهن جي يروشلم ۾ ۽ خدا جي گهر ۾ اچڻ کانپوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق، ۽ انهن جا باقي ٻيا ڀائر، ڪاهن ۽ لاوي، ۽ اهي سڀ جي قيد مان نڪري يروشلم ۾ آيا هئا، تن ڪم شروع ڪيو؛ ۽ جيڪي لاوي ويهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر جا هئا، تن کي خداوند جي گهر جي ڪم جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائون.


تڏهن خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، تنهن جو ڪم بند رهيو؛ ۽ اهو فارس جي بادشاهہ دارا جي بادشاهي جي ٻئي ورهيہ تائين بند هو.


پر زربابل ۽ يشوع، ۽ اسرائيل جي اباڻن گهراڻن جي باقي ٻين رئيسن، انهن کي چيو تہ اسان جي خدا لاءِ گهر جوڙڻ ۾ اوهان جو ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر اسين پاڻ گڏجي خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ گهر جوڙينداسين، جيئن فارس جي بادشاهہ خورس اسان کي حڪم ڏنو آهي.


هاڻي حجي نبي، ۽ زڪرياہ بن عدو، جيڪي يهودي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ هئا، تن جي اڳيان نبوت ڪئي؛ اسرائيل جي خدا جي نالي تي هنن نبوت ڪئي.


پر بابل جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، خورس بادشاهہ خدا جي هن گهر جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو.


تڏهن زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق اُٿيا، ۽ خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙڻ لڳا؛ ۽ انهن سان خدا جا نبي شامل هئا، جن انهن کي مدد ڏني.


خورس بادشاهہ جي پهرين سال ۾، خورس بادشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو؛ يروشلم ۾ جيڪو خدا جو گهر آهي تنهن جي نسبت ۾ حڪم، تہ اهو گهر، ۽ اها جاءِ جتي قربانيون چاڙهڻ ۾ ٿيون اچن، سو ڀلي تہ جُڙي، ۽ انهيءَ جو بنياد پڪيءَ طرح وڌو وڃي؛ انهيءَ جي اوچائي سٺ هٿ، ۽ انهيءَ جي ويڪر سٺ هٿ؛


تنهن کانسواءِ آءٌ هي حڪم ٿو ڪريان، تہ خدا جي هن گهر جوڙڻ لاءِ، يهودين جي بزرگن سان ڪهڙي هلت ڪجو: بادشاهہ جي مال مان، يعني نديءَ جي هن ڀر جي ڍل مان، ڏاڍي ڪوشش سان هنن ماڻهن کي خرچ پهچايو وڃي، تہ هنن کي روڪ نہ ٿئي.


هاڻي انهن ڳالهين کانپوءِ، فارس جي بادشاهہ ارتخششتا جي بادشاهيءَ ۾، عزرا بن سراياہ، بن خلقياہ،


ڇالاءِ جو اسين غلام آهيون؛ انهيءَ هوندي بہ اسان جي خدا اسان کي غلاميءَ ۾ بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر فارس جي بادشاهن جي نظر ۾ اسان کي رحم عطا ڪيو اٿس، جو اسان کي تازو ڪيو اٿس، تہ پنهنجي خدا جو گهر کڙو ڪريون، ۽ ان جي ڀڳل ڀريل حصن جي مرمت ڪريون، ۽ اسان کي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ ڀت ڏني اٿس.


انهيءَ طرح اِلول مهيني جي پنجويهين تاريخ، ٻاونجاهہ ڏينهن ۾ ڀت جُڙي تيار ٿي.


جو خورس بابت چوي ٿو تہ هو منهنجو ڌنار آهي، ۽ منهنجي سموري مرضي پوري ڪندو: هو يروشلم جي بابت چوي ٿو تہ اهو وري اڏبو؛ ۽ هيڪل کي چوي ٿو تہ تنهنجو بنياد پوندو.


دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ جي معرفت، يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ ڪاهنن جي سردار يشوع بن يهوصدق تي نازل ٿيو،


پهاڙي علائقي ۾ وڃو ۽ ڪاٺ آڻي گهر اڏيو؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهيءَ ۾ خوش ٿيندس، ۽ انهيءَ ۾ منهنجي وڏائي ظاهر ٿيندي.


دارا جي ٻئي سال جي اٺين مهيني ۾ خداوند جو ڪلام زڪرياہ بن برڪياہ بن عدو نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ


تنهنڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يروشلم ۾ رحم سان موٽيو آهيان. لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو گهر اُنهيءَ ۾ جوڙيو ويندو؛ ۽ يروشلم جي مٿان ماپڻ جي ڏوري وري ڇڪي ويندي.


زروبابل جي هٿن هن گهر جو بنياد وڌو آهي، ۽ اُنهيءَ جا هٿ ئي هن کي پورو ڪندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين جي هن وقت نبين جي معرفت ڪلام ٻُڌو ٿا، جي اُنهن ڏينهن ۾ هئا، جن ڏينهن ۾ لشڪرن جي خداوند جي گهر، يعني هيڪل جو بنياد وڌو ويو هو تہ اُهو ٺاهيو وڃي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ