Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:13 - Sindhi Bible

13 تڏهن نديءَ جي هن ڀر جي واليءَ تتنيءَ، ۽ شستربوزني، ۽ انهن جي سنگتين ڪوشش ڪري ائين ڪيو، ڇالاءِ جو دارا بادشاهہ اهڙو حڪم موڪليو هون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي واري گورنر تتنيءَ ۽ شتر بوزني ۽ انهن جي ساٿين مڪمل طرح شهنشاهہ جي ان حڪم جي تعميل ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:13
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پوءِ جڏهن ارتخششتا بادشاهہ جي خط جو نقل رحوم، ۽ شمسيءَ ڪاتب، ۽ انهن جي سنگتين جي اڳيان پڙهيو ويو، تڏهن هو تڪڙا ٿي يروشلم ۾ يهودين وٽ ويا، ۽ زور زبردستيءَ سان انهن کان ڪم بند ڪرايائون.


تنهن کانپوءِ رحوم ديوان، ۽ شمسي ڪاتب، ۽ انهن جي ٻين سنگتين لکيو؛ يعني دينہ ۽ افارستڪ، طرفيلہ، فارس، ارڪ، بابل، سوسن، دہ، عيلام،


ساڳئي وقت ۾ تتنيءَ، جو نديءَ جي هن ڀر جو والي هو، ۽ شتربوزني، ۽ انهن جا سنگتي، هنن وٽ آيا ۽ چيائون تہ هن گهر جوڙڻ ۽ هن ڀت پوري ڪرڻ جو ڪنهن اوهان کي حڪم ڏنو آهي؟


انهيءَ خط جو نقل، جو نديءَ جي هن ڀر جي والي تتني، ۽ شتربوزني، ۽ سندس سنگتين ارفارسڪين، نديءَ جي هن ڀر کان دارا بادشاهہ وٽ موڪليو:


تنهنڪري هاڻي اي تتني، نديءَ جي هن ڀر جا والي، ۽ شتربوزني، ۽ اوهان جا سنگتي افرسڪين، جي نديءَ جي هن ڀر آهيو، اوهين انهيءَ هنڌ کان پري رهجو:


تڏهن هامان پوشاڪ ۽ گهوڙو وٺي وڃي مردڪئي کي پهرايو، ۽ سوار ڪري شهر جي رستي تان گهمارايائينس، ۽ سندس اڳيان منادي ڪرايائين، تہ جنهن ماڻهوءَ کي بادشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گهُري، تنهن سان هيئن ڪرڻ ۾ ايندو.


گهڻا ئي حاڪم جي مهرباني ڳولين ٿا: پر ماڻهوءَ جي عدالت خداوند وٽان ٿي اچي.


ڇالاءِ جو بادشاهہ جي حڪم کي طاقت آهي؛ ۽ ڪير هن کي چئي سگهندو تہ تون هي ڇا ٿو ڪرين؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ