Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:11 - Sindhi Bible

11 مون هي حڪم بہ ڪيو آهي تہ جيڪو هي حڪم ڦيرائيندو، تنهن جي گهر مان هڪڙي ڪام ڇڪي ڪڍي وڃي، ۽ انهيءَ تي هو مٿي کڻي ٻڌي قابو ڪيو وڃي؛ ۽ هن جو گهر انهيءَ ڳالهہ لاءِ ٻهر جو ڍير ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ٻيو تہ آءٌ حڪم ٿو ڏيان تہ جيڪڏهن ڪوبہ هن حڪم جي ابتڙ ڪندو تہ انهيءَ جي گھر مان هڪ شهتير ڪڍي ان جي چهنڀ ٺاهي کيس ان ۾ ٽُنبيو ويندو ۽ سندس گھر ڊاهي گند جو ڍير ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:11
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن بعل جو ٿنڀ ڀڃي ڇڏيو، ۽ بعل جو گهر بہ ڊاهي ڇڏيائون، ۽ انهيءَ کي ڪاڪوس خانو بنايائون، جو اڄ ڏينهن تائين آهي.


۽ ايزبل جو لاش يزرعيل جي ڀاڱي ۾ ٻنيءَ جي مٿان گند ڪچري وانگر پيل رهندو؛ اهڙيءَ طرح جو ڪوبہ ڪونہ چوندو تہ هيءَ ايزبل آهي.


۽ جيڪو تنهنجي خدا جي شريعت موجب، ۽ بادشاهہ جي قاعدي موجب هلت نہ ڪري، تنهن تي ضرور سزا جاري ٿئي، پوءِ موت هجي، يا شهر نيڪالي هجي، يا مال متاع جي ضبطي هجي، يا قيد هجي.


آستر چيو تہ جي بادشاهہ جي نظر ۾ مناسب هجي، تہ اڄ جيڪا مهماني سندس لاءِ مون تيار ڪئي آهي، تنهن تي بادشاهہ ۽ هامان اچن.


تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي.


بادشاهہ ڪسدين کي ورندي ڏيئي چيو تہ اُها ڳالهہ مون کي وسري ويئي آهي: جي اوهين مون کي اُهو خواب ياد نہ ڏياريندا، ۽ انهي جو تعبير نہ ٻڌائيندا، تہ اوهان کي وڍائي ٽڪر ٽڪر ڪرائي ڇڏيندس.


تنهنڪري آءٌ حڪم ٿو ڪريان تہ سڀ ماڻهو، قومون ۽ ٻوليون، جي سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي نسبت ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا، تن کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏبو، ۽ انهن جا گهر ڊاهي گند جو ڍير ڪري ڇڏبا: ڇالاءِ جو ٻيو ڪوبہ اهڙو معبود ڪونهي جو هن طرح بچائي ٿو سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ