Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:10 - Sindhi Bible

10 انهيءَ لاءِ تہ هو آسمان جي خدا لاءِ چڱين خوشبوين جون قربانيون چاڙهين، ۽ بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي حياتيءَ واسطي دعا گهرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 انهيءَ لاءِ تہ هو عرش عظيم جي خدا جي لاءِ وڻندڙ شين جون قربانيون پيش ڪري سگھن ۽ منهنجي ۽ منهنجي پٽن جي وڏي حياتيءَ لاءِ دعا گھرن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند کي انهيءَ جي خوشبوءِ پهتي، ۽ خداوند پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ آءٌ انسان جي ڪري زمين تي وري لعنت نہ ڪندس، ڇالاءِ جو انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان خراب آهي؛ ۽ نڪي سڀ ڪنهن ساهواري کي ماريندس، جيئن هاڻي ڪيو اٿم.


فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان.


۽ جنهن شيءِ جي گهرج هجين، گابا توڙي گهيٽا، توڙي گهٽا، آسمان جي خدا لاءِ سوختني قربانين واسطي، توڙي ڪڻڪ، لوڻ، شراب ۽ تيل، يروشلم جي ڪاهنن جي حڪم موجب، روز بروز ضرور ڏيڻ ۾ اچي:


جيڪي بہ آسمان جو خدا حڪم ڪري، سو سندس گهر جي لاءِ بلڪل پوريءَ طرح ڪرڻ ۾ اچي؛ ڇالاءِ جو بادشاهہ جي بادشاهت، ۽ سندس پٽن تي ڇو غضب نازل ٿئي؟


پنهنجي چوڻ موجب پنهنجا ڍور ۽ ڌڻ بہ وٺي وڃو؛ ۽ منهنجي لاءِ بہ برڪت گهرجو.


۽ جنهن شهر ۾ مون اوهان کي قيد ڪري موڪليو آهي، انهي جي خير سلامتي ڳوليو ۽ انهي لاءِ خداوند کان دعا گهرو: ڇالاءِ جو انهي جي خير سلامتي ۾ اوهان کي خير سلامتي حاصل ٿيندي.


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر منهن ڀر ڪري داني ايل کي سجدو ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ هن کي نذرانو ۽ خوشبويون ڏين.


پر هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها سوختني قرباني آهي، يعني خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي، سوختني قرباني ڪري ساڙي، اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ