Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 6:1 - Sindhi Bible

1 تڏهن دارا بادشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو، ۽ بابل ۾ جنهن دفترخاني ۾ خزانا رکيل هئا، تن جي تلاشي ورتي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن دارا شهنشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو، جنهن تحت بابل ۾ موجود شاهي دفتر ۾ اها جاچ ڪئي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 6:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڳولا ڪرڻ ۾ اچي: جنهن مان توکي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ معلوم ٿيندو، تہ هي شهر هڪڙو باغي شهر آهي، ۽ انهيءَ مان بادشاهن ۽ پرڳڻن کي نقصان آهي، ۽ هنن اڳي بہ انهيءَ ساڳي هنڌ فساد برپا ڪيو آهي: انهيءَ سبب هي شهر ويران ٿي ويو هو.


۽ مون حڪم ڪيو، ۽ ڳولا ڪئي ويئي آهي، ۽ معلوم ٿيو آهي تہ هي شهر قديم وقت کان وٺي بادشاهن جي برخلاف باغي پئي ٿيو آهي، ۽ ان ۾ فتنو ۽ فساد ڪرڻ ۾ پئي آيو آهي.


تنهنڪري هاڻي جيڪڏهن بادشاهہ کي ائين مناسب نظر اچي تہ بادشاهہ جي خزاني ۾، جو بابل ۾ آهي، تنهن ۾ تلاش ڪئي وڃي، ۽ ڏسجي تہ ائين آهي يا نہ، تہ بادشاهہ خورس خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، تنهن جي جوڙڻ جو حڪم ڪيو هو يا نہ، ۽ پوءِ انهيءَ ڳالهہ بابت جيڪا بادشاهہ جي مرضي هجي، سا اسان کي چوائي موڪلي.


۽ هنن ست ڏينهن خوشيءَ سان بي خميري مانيءَ جي عيد ڪئي: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي خوش ڪيو هو، ۽ اسور جي بادشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي هئي، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي خدا جي گهر جي ڪم ۾ هنن جي هٿن کي مضبوط ڪري.


آءٌ حڪم ٿو ڪريان، تہ جيڪي بني اسرائيلي، ۽ سندن ڪاهن لاوي، جي منهنجي بادشاهت ۾ آهن، ۽ جن جي مرضي آهي تہ يروشلم ۾ وڃن، سي سڀ ڀلي تو سان گڏجي وڃن.


آءٌ محتاجن جي لاءِ پيءُ هوس، ۽ جنهن کي آءٌ اصل نہ سڃاڻندو هوس تنهنجي معاملي جي جاچ ڪندو هوس.


تڏهن مون چيو تہ ڏس، آءٌ حاضر آهيان؛ ڪتاب جي ورق ۾ مون بابت هيئن لکيل آهي.


اهو خدا جو جلال آهي تہ ڪا شيءِ لڪائي: پر بادشاهن جو فخر انهيءَ ۾ آهي تہ ڳالهہ ڳولي ظاهر ڪن.


۽ يهوداهہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ تون چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو هي ويڙهي ساڙي آهي ۽ چيو اٿيئي تہ تو ڇو هن ۾ لکيو آهي تہ بابل جو بادشاهہ ضرور اچي هي ملڪ ناس ڪندو، ۽ اتان ماڻهن توڙي جانورن کي نيست نابود ڪري ڇڏيندو؟


تڏهن يرمياہ ٻي ويڙهي کڻي باروڪ بن نيرياہ ڪاتب کي ڏني؛ جنهن يرمياہ جي واتان انهي ۾ اُنهي ڪتاب جون سڀ ڳالهيون لکيون، جو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو: ۽ انهن کان سواءِ ٻيون انهن جهڙيون گهڻيون ئي ڳالهيون انهي ۾ گڏيون ويون.


۽ جڏهن مون نهاريو، تڏهن ڏسو، هڪڙو هٿ مون ڏانهن ڊگهو ٿيو؛ ۽ ڏسو، انهيءَ ۾ هڪڙي ڪتاب جي ويڙهي هئي؛


۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڏسين ٿو سو کائي وڃ؛ هيءَ ويڙهي کاءُ، پوءِ وڃي اسرائيل جي گهراڻي سان ڳالهاءِ.


تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.


جيڪو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي ساڄي هٿ ۾ مون هڪڙو ڪتاب ڏٺو، جو اندران ۽ ٻاهران لکيل هو ۽ ستن مهرن سان بند ٿيل هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ