Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 5:5 - Sindhi Bible

5 پر خدا جي نظر يهودين جي بزرگن تي هئي، ۽ انهن هنن کي نہ روڪيو، جيستائين ڪ اها ڳالهہ دارا تائين نہ پهتي، ۽ انهيءَ بابت خط جي رستي جواب موٽي نہ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 پر يهودي اڳواڻن تي پنهنجي خدا جي نظر هئي، سو انهن عملدارن يهودين کي تيستائين نہ روڪيو، جيستائين اهو معاملو دارا شهنشاهہ تائين پهتو ۽ انهيءَ کان لکت ۾ موٽ نہ ملين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 5:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


۽ جنهن، بادشاهہ ۽ سندس مشيرن ۽ سڀني زور وارن اميرن جي اڳيان مون تي رحم ڪيو. ۽ منهنجي خدا جو هٿ جو مون تي هو، تنهن موجب مون کي طاقت ملي، ۽ مون اسرائيل مان مکيہ ماڻهو گڏ ڪيا، تہ مون سان گڏجي هلن.


اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو.


ڇالاءِ جو مون کي شرم ٿي آيو تہ بادشاهہ کان سپاهين ۽ گهوڙي سوارن جي ڪا ٽولي گهران، تہ اهي رستي ۾ دشمنن سان وڙهڻ لاءِ اسان کي مدد ڪن: هن ڪري جو اسان بادشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا کي ڳولين ٿا، تن سڀني تي هميشہ خدا جو هٿ چڱائيءَ لاءِ ٿو رهي؛ پر جيڪي انهيءَ کي ڇڏي ٿا ڏين، تن سڀني تي هو پنهنجي قدرت ۽ غضب نازل ٿو ڪري.


آءٌ توکي تعليم ڏيندس، ۽ جنهن رستي تي توکي هلڻ گهرجي سو ڏيکاريندس: آءٌ توکي صلاح ڏيندس ۽ منهنجي نظر توتي رهندي.


ڏسو جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، ۽ هن جي رحمت ۾ اميد ٿا رکن، تن تي سندس نظر آهي؛


خداوند جون اکيون راستبازن تي آهن، ۽ سندس ڪن اُنهن دانهن جي لاءِ کليل آهن.


بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين.


۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ مخالفن کان نٿا ڊڄو: اها ڳالهہ هنن جي لاءِ برباديءَ جي صاف نشاني آهي، مگر اوهان جي نجات جي، ۽ اُها خدا جي پاران آهي،


ڇالاءِ جو راستبازن تي خداوند جي مهر جي نظر آهي، ۽ سندس ڪَن انهن جي دعا ڏانهن آهن؛ پر جيڪي بدي ٿا ڪن، سي خداوند جي نگاهہ ۾ آهن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ