Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 5:3 - Sindhi Bible

3 ساڳئي وقت ۾ تتنيءَ، جو نديءَ جي هن ڀر جو والي هو، ۽ شتربوزني، ۽ انهن جا سنگتي، هنن وٽ آيا ۽ چيائون تہ هن گهر جوڙڻ ۽ هن ڀت پوري ڪرڻ جو ڪنهن اوهان کي حڪم ڏنو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ دوران اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي جو گورنر تتني ۽ شتر بوزني ۽ انهن جا ساٿي وٽن آيا ۽ کانئن پڇيائون تہ ”هن عبادت‌گاهہ ۽ انهيءَ جي ڀتين کي وري تعمير ڪرڻ جو اختيار اوهان کي ڪنهن ڏنو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 5:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ جي ساريءَ قوم مان جيڪو بہ ماڻهو اوهان ۾ هجي، تنهن سان سندس خدا شل همراهہ ٿئي، ۽ اهو ڀلي تہ چڙهي يروشلم ۾ وڃي، جو يهوداہ ۾ آهي؛ ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جو گهر جوڙي، (جو اُهوئي خدا آهي) جو يروشلم ۾ آهي.


بادشاهہ کي نيڪ روشن هجي تہ جيڪي يهودي تو وٽان آيا، سي اسان وٽ يروشلم ۾ آيا آهن؛ اهي انهي باغي ۽ خراب شهر کي ٿا اڏين؛ ۽ انهن ڀتيون جوڙي بس ڪيون آهن، ۽ بنياد مرمت ڪيا اٿن.


تنهن کانپوءِ رحوم ديوان، ۽ شمسي ڪاتب، ۽ انهن جي ٻين سنگتين لکيو؛ يعني دينہ ۽ افارستڪ، طرفيلہ، فارس، ارڪ، بابل، سوسن، دہ، عيلام،


انهيءَ خط جو نقل، جو نديءَ جي هن ڀر جي والي تتني، ۽ شتربوزني، ۽ سندس سنگتين ارفارسڪين، نديءَ جي هن ڀر کان دارا بادشاهہ وٽ موڪليو:


تڏهن اسان انهن بزرگن کان پڇا ڪئي، تہ هن گهر جوڙڻ لاءِ، ۽ هن ڀت پوري ڪرڻ لاءِ ڪنهن اوهان کي حڪم ڏنو؟


تڏهن نديءَ جي هن ڀر جي واليءَ تتنيءَ، ۽ شستربوزني، ۽ انهن جي سنگتين ڪوشش ڪري ائين ڪيو، ڇالاءِ جو دارا بادشاهہ اهڙو حڪم موڪليو هون.


تنهنڪري هاڻي اي تتني، نديءَ جي هن ڀر جا والي، ۽ شتربوزني، ۽ اوهان جا سنگتي افرسڪين، جي نديءَ جي هن ڀر آهيو، اوهين انهيءَ هنڌ کان پري رهجو:


۽ آءٌ، يعني ارتخششتا بادشاهہ، جيڪي خزانچي نديءَ جي هن ڀر آهن، تن سڀني ڏانهن حڪم جاري ٿو ڪريان تہ جيڪي بہ عزرا ڪاهن، آسمان جي خدا جي شريعت جو استاد اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوي، سو اوهين گهڻي سعيي سان ڪجو.


دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ جي معرفت، يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ ڪاهنن جي سردار يشوع بن يهوصدق تي نازل ٿيو،


۽ جڏهن هو هيڪل ۾ آيو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ اُمت جي بزرگن وٽس اچي چيو تہ تون اهي ڪم ڪهڙيءَ اختياريءَ سان ٿو ڪرين؟ ۽ ڪنهن توکي اها اختياري ڏني آهي؟


۽ اهي رسولن کي وچ ۾ بيهاري پڇڻ لڳا تہ ڪهڙي قدرت سان، يا ڪنهن جي نالي تي اوهان ائين ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ