Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 5:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق اُٿيا، ۽ خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙڻ لڳا؛ ۽ انهن سان خدا جا نبي شامل هئا، جن انهن کي مدد ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ يشوع ولد يوصدق يروشلم ۾ خداوند جي گھر کي وري تعمير ڪرڻ جي ڪم کي لڳي ويا. انهن ٻنهي سان خدا جا نبي بہ گڏ هئا جن ساڻن مدد پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 5:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي فارس جي بادشاهہ خورس متردات خزانچيءَ جي هٿان ڪڍائي آندا، ۽ يهوداہ جي سردار شيس بضر کي ڳڻي ڏياريائين:


۽ ڪاهنن جي پٽن مان ڪي لڌا، جي ڌاريون زالون پرڻيا هئا: اُهي هئا بني يشوع مان يوصدق جو پٽ ۽ ان جا ڀائر، معسياہ، ۽ اليعزر، ۽ يارب، ۽ جدلياہ.


تڏهن يشوع بن يوصدق ۽ سندس ڀائر جي ڪاهن هئا ۽ زربابل بن سالتي ايل ۽ سندس ڀائر اُٿي بيٺا، ۽ اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ جوڙيائون، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهين، جيئن ڪ خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


هاڻي انهن جي يروشلم ۾ ۽ خدا جي گهر ۾ اچڻ کانپوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق، ۽ انهن جا باقي ٻيا ڀائر، ڪاهن ۽ لاوي، ۽ اهي سڀ جي قيد مان نڪري يروشلم ۾ آيا هئا، تن ڪم شروع ڪيو؛ ۽ جيڪي لاوي ويهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر جا هئا، تن کي خداوند جي گهر جي ڪم جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائون.


۽ يهودين جي بزرگن، حجي نبيءَ، ۽ زڪرياہ بن عدو جي نبوت جي وسيلي عمارت شروع ڪئي ۽ فتحياب ٿيا. ۽ اسرائيل جي خدا جي حڪم موجب، ۽ فارس جي بادشاهہ خورس ۽ دارا ۽ ارتخششتا جي فرمان موجب، عمارت جوڙي تيار ڪيائون.


آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اڄ کان وٺي اڳتي انهي ڳالهہ جو خيال ڪريو، يعني نائين مهيني جي چوڏهين تاريخ کان، انهي ڏينهن کان جڏهن خداوند جي هيڪل جو بنياد پيو، اوهين انهي جو ويچار ڪريو.


تڏهن هن چيو، تہ اهي ٻئي مسح ٿيل فرزند آهن، جي رب العالمين اڳيان بيهن ٿا.


۽ جنهن فرشتي مون سان پئي ڳالهايو، تنهن کي مون ورندي ڏيئي چيو، تہ اي منهنجا سائين هي ڇا آهن؟


۽ انهن کان سون ۽ چاندي وٺي هڪڙو ڇٽ ٺاهہ، ۽ يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن کي پهراءِ؛


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين جي هن وقت نبين جي معرفت ڪلام ٻُڌو ٿا، جي اُنهن ڏينهن ۾ هئا، جن ڏينهن ۾ لشڪرن جي خداوند جي گهر، يعني هيڪل جو بنياد وڌو ويو هو تہ اُهو ٺاهيو وڃي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.


اسين ايمان جي نسبت ۾ اوهان تي حڪومت نٿا هلايون، پر اوهان جي خوشيءَ جي لاءِ اوهان جا مددگار آهيون؛ ڇالاءِ جو ايمان جي ڪري اوهين قائم آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ