Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 5:16 - Sindhi Bible

16 تڏهن انهيءَ ساڳئي شيسبضر، يروشلم ۾ خدا جي گهر جو اچي بنياد وڌو: ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هن وقت تائين، اهو پئي جڙيو آهي ۽ اڃا پورو نہ ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تڏهن انهيءَ شيس‌بضر اچي يروشلم ۾ خدا جي گھر جو بنياد وڌو. انهيءَ وقت کان وٺي هن وقت تائين، اهو پئي تعمير ٿيو آهي پر اڃا مڪمل نہ ٿي سگھيو آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 5:16
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن رازن خداوند جي هيڪل جو بنياد وڌو، تڏهن هنن ڪاهنن کي سندن پوشاڪ ۾ قرنائن سان، ۽ آسف جي پٽن لاوين کي جهانجهن سان بيهاريو، تہ اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي حڪم موجب، خداوند جي تعريف ڪن.


هاڻي انهن جي يروشلم ۾ ۽ خدا جي گهر ۾ اچڻ کانپوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق، ۽ انهن جا باقي ٻيا ڀائر، ڪاهن ۽ لاوي، ۽ اهي سڀ جي قيد مان نڪري يروشلم ۾ آيا هئا، تن ڪم شروع ڪيو؛ ۽ جيڪي لاوي ويهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر جا هئا، تن کي خداوند جي گهر جي ڪم جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائون.


۽ خدا جي گهر جا سونا ۽ روپا باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍي بابل واريءَ هيڪل ۾ آندا، سي بہ خورس بادشاهہ بابل جي هيڪل مان ڪڍي، هڪڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪيا، جنهن جو نالو شيسبضر هو، ۽ جنهن کي هن والي ڪيو هو؛


۽ هن انهيءَ کي چيو تہ هي باسڻ کڻي وڃي يروشلم واري هيڪل ۾ رک، ۽ خدا جو گهر ڀلي تہ پنهنجي جاءِ تي جُڙي تيار ٿئي.


تڏهن زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق اُٿيا، ۽ خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙڻ لڳا؛ ۽ انهن سان خدا جا نبي شامل هئا، جن انهن کي مدد ڏني.


۽ دارا بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ڇهين سال ۾، آدار مهيني جي ٽين تاريخ، اهو گهر پورو ٿيو.


آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اڄ کان وٺي اڳتي انهي ڳالهہ جو خيال ڪريو، يعني نائين مهيني جي چوڏهين تاريخ کان، انهي ڏينهن کان جڏهن خداوند جي هيڪل جو بنياد پيو، اوهين انهي جو ويچار ڪريو.


ڇالاءِ جو خسيس شين جي ڏينهن کي ڪنهن ڌڪاريو آهي؟ ڇالاءِ جو خداوند جون اهي ست اکيون جي سڄي زمين تي گهُمن ٿيون، اُهي زروبابل جي هٿ ۾ شاهل ڏسي خوش ٿينديون.


زروبابل جي هٿن هن گهر جو بنياد وڌو آهي، ۽ اُنهيءَ جا هٿ ئي هن کي پورو ڪندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ لشڪرن جي خداوند مون کي اوهان وٽ موڪليو آهي.


تڏهن يهودين چيو تہ هن هيڪل کي ٺهڻ ۾ ڇائيتاليهہ ورهيہ لڳا آهن، ۽ تون اُهو ٽن ڏينهن ۾ کڙو ڪري بيهاريندين ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ