Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 5:15 - Sindhi Bible

15 ۽ هن انهيءَ کي چيو تہ هي باسڻ کڻي وڃي يروشلم واري هيڪل ۾ رک، ۽ خدا جو گهر ڀلي تہ پنهنجي جاءِ تي جُڙي تيار ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 شهنشاهہ کيس چيو هو تہ هو وڃي يروشلم ۾ خدا جو گھر پنهنجي اصلي جاءِ تي وري تعمير ڪري ۽ اهي ٿانوَ انهيءَ ۾ کڻي رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 5:15
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

فارس جو بادشاهہ خورس هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند آسمان جي خدا، دنيا جون سڀ بادشاهتون مون کي عطا ڪيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڪيو آهي تہ يروشلم، جو يهوداہ ۾ آهي، تنهن ۾ سندس لاءِ هڪڙو گهر جوڙيان.


۽ اُنهن قربانگاهہ کي انهي جي بنياد تي بيهاريو؛ ڇالاءِ جو کين انهن ملڪن جي ماڻهن جو ڊپ هو: ۽ انهن اُنهيءَ تي خداوند جي لاءِ سوختنيون قربانيون چاڙهيون، يعني صبح ۽ شام جي ساڙڻ واريون قربانيون.


۽ خدا جي گهر جا سونا ۽ روپا باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍي بابل واريءَ هيڪل ۾ آندا، سي بہ خورس بادشاهہ بابل جي هيڪل مان ڪڍي، هڪڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪيا، جنهن جو نالو شيسبضر هو، ۽ جنهن کي هن والي ڪيو هو؛


تڏهن انهيءَ ساڳئي شيسبضر، يروشلم ۾ خدا جي گهر جو اچي بنياد وڌو: ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هن وقت تائين، اهو پئي جڙيو آهي ۽ اڃا پورو نہ ٿيو آهي.


خورس بادشاهہ جي پهرين سال ۾، خورس بادشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو؛ يروشلم ۾ جيڪو خدا جو گهر آهي تنهن جي نسبت ۾ حڪم، تہ اهو گهر، ۽ اها جاءِ جتي قربانيون چاڙهڻ ۾ ٿيون اچن، سو ڀلي تہ جُڙي، ۽ انهيءَ جو بنياد پڪيءَ طرح وڌو وڃي؛ انهيءَ جي اوچائي سٺ هٿ، ۽ انهيءَ جي ويڪر سٺ هٿ؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ