Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 5:14 - Sindhi Bible

14 ۽ خدا جي گهر جا سونا ۽ روپا باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍي بابل واريءَ هيڪل ۾ آندا، سي بہ خورس بادشاهہ بابل جي هيڪل مان ڪڍي، هڪڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪيا، جنهن جو نالو شيسبضر هو، ۽ جنهن کي هن والي ڪيو هو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 خدا جي هيڪل جا سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ جيڪي نبوڪدنضر يروشلم مان ڪڍي بابل واري پوڄا گھر ڏانهن کڻي ويو هو، سي بہ خورس شهنشاهہ بابل جي پوڄا گھر مان ڪڍي هڪڙي ماڻهوءَ جي حوالي ڪيا جنهن جو نالو شيس‌بضر هو، جنهن کي هن يهوداہ جو گورنر مقرر ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 5:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خدا جي گهر جا سڀ باسڻ، وڏا توڙي ننڍا، ۽ خداوند جي گهر جا خزانا، ۽ بادشاهہ ۽ سندس اميرن جا خزانا، اهي سڀ هو بابل ڏي کڻي ويو.


نبوڪدنضر خداوند سندس خدا جي گهر جا باسڻ بہ بابل ڏي کڻي ويو، ۽ هن اُهي بابل ۾ پنهنجي مندر ۾ وڃي رکيا.


۽ هن انهيءَ کي چيو تہ هي باسڻ کڻي وڃي يروشلم واري هيڪل ۾ رک، ۽ خدا جو گهر ڀلي تہ پنهنجي جاءِ تي جُڙي تيار ٿئي.


تڏهن انهيءَ ساڳئي شيسبضر، يروشلم ۾ خدا جي گهر جو اچي بنياد وڌو: ۽ انهيءَ وقت کان وٺي هن وقت تائين، اهو پئي جڙيو آهي ۽ اڃا پورو نہ ٿيو آهي.


۽ خدا جي گهر جا سونا ۽ روپا باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍي بابل ۾ آندا، سي بہ موٽائي يروشلم واري هيڪل ۾ رکيا وڃن، جيئن سڀڪو باسڻ پنهنجي جاءِ تي رهي، ۽ اُهي تون خداوند جي گهر ۾ رکج.


خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن بادشاهہ جي دل ۾ اهڙي ڳالهہ وڌي آهي، تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گهر آهي، سو سينگارجي؛


بادشاهہ جي دل خداوند جي هٿ ۾ پاڻيءَ جي نهرن وانگي آهي: هو انهيءَ کي جيڏانهن وڻيس ٿو تيڏانهن ڦيرائي ٿو.


۽ پياليون، ۽ باهہ کڻڻ جا ٿانوَ، ۽ پيالا، ۽ ديڳيون، ۽ شمعدان، ۽ چمچا، ۽ وڏا پيالا؛ انهن مان جيڪي سون جا هئا تن جو سون، ۽ جيڪي چانديءَ جا هئا تن جي چاندي، پهري وارن جو سردار کڻي ويو.


دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ جي معرفت، يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ ڪاهنن جي سردار يشوع بن يهوصدق تي نازل ٿيو،


۽ خداوند يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل جي روح کي، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق جي روح کي، ۽ قوم جي سڀني باقي رهيلن جي روح کي سجاڳ ڪيو، ۽ هو، لشڪرن جي خداوند، يعني پنهنجي خدا جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ لڳا.


يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق کي، ۽ قوم جي باقي رهيلن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ


تہ يهوداہ جي والي زروبابل کي چئُہ تہ آءٌ زمين ۽ آسمان کي لوڏيندس:


تڏهن حاڪم هي حال ڏسي خداوند جي تعليم تي حيران ٿي ويو، ۽ ايمان آندائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ