Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 5:12 - Sindhi Bible

12 پر انهيءَ کانپوءِ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن آسمان جي خدا کي ڪاوڙايو، تڏهن انهيءَ هنن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڪسديءَ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جنهن هي گهر ناس ڪري ڇڏيو، ۽ ماڻهن کي بابل ۾ وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پر پوءِ جڏهن اسان جي ابن ڏاڏن خدا کي ڪاوڙايو، تڏهن هن کين بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڪسديءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن خدا جي هن گھر کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن کي بابل ڏانهن جلاوطن ڪري وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 5:12
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند ڪسدين جون، ۽ ارامين، ۽ موآبين، ۽ بني عمون جون ٽوليون يهوداہ تي موڪليون، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام، جو هن پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو هو. تنهن موجب انهيءَ کي چٽ ڪري.


۽ هن جي بادشاهيءَ جي نائين ورهيہ جي ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سمورو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ اُن جي سامهون اچي منزل ڪيائين؛ ۽ اُن جي چوڌاري ڪوٽ جوڙايائين.


۽ جيڪي ترار کان بچي نڪتا هئا، تن کي هو بابل ڏي وٺي ويو: اهي هن ۽ هن جي پٽن جا ٻانها ٿيا، جيسين ڪ فارس جي بادشاهت نہ آئي:


تڏهن خداوند کي پنهنجيءَ اُمت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هو پنهنجيءَ ميراث جي حقارت ڪرڻ لڳو.


آءٌ پنهنجيءَ اُمت سان ڪاوڙيل هوس، مون پنهنجيءَ ميراث کي پليت ڪيو، ۽ انهن کي تنهنجي حوالي ڪيم: تو انهن تي رحم نہ ڪيو؛ تو ٻڍن تي بہ پنهنجي ڳري پاڃاري رکي.


خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


اهو ڪلام جو يرمياہ نبيءَ، سراياہ بن نيرياہ بن محسياہ کي تڏهن فرمايو جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ سان، سندس بادشاهت جي چوٿين ورهيہ ۾، بابل ڏي ويو. هاڻي سراياہ مکيہ شاهي ناظر هو.


هاڻي پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ، جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جو اوڻيهون ورهيہ هو، تنهن ۾ نبوزرادان، پهري وارن جو سردار، جو بابل جي بادشاهہ جي اڳيان بيهندو هو، سو يروشلم ۾ آيو:


اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ اونڌي هلت هليا آهيون، ۽ شرارت جا ڪم ڪيا اٿئون، ۽ باغي ٿيا آهيون، يعني تنهنجن حڪمن ۽ تنهنجين عدالتن کان منهن موڙيو اٿئون:


تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي.


جيڪڏهن انهن جو ٽڪر کين وڪڻي نہ ڇڏي ها، ۽ خداوند انهن کي حوالي نہ ڪرائي ها، تہ ڪيئن هڪڙو ڄڻو هزار جي پٺيان پوي ها، ۽ ٻہ ڄڻا ڏهن هزارن کي ڀڄائي ڪڍن ها؟


تنهن تي خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي ۽ هن انهن کي ڦرلٽ ڪرڻ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي ڦري لٽي ڇڏيو، ۽ انهن کي آس پاس وارن دشمنن وٽ وڪڻي ڇڏيائين، جنهنڪري هو وري پنهنجي دشمنن جي سامهون بيهي ڪين سگهيا.


تڏهن خداوند هنن کي ڪنعان جي بادشاهہ، يابين وٽ وڪڻي ڇڏيو، جو حصور ۾ بادشاهي ڪندو هو؛ انهي جي لشڪر جو سپهہ سالار سيسرا هو، جو حروسيت هگوئيم ۾ رهندو هو.


پوءِ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: ۽ خداوند انهن کي ست ورهيہ مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ