Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 5:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي حجي نبي، ۽ زڪرياہ بن عدو، جيڪي يهودي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ هئا، تن جي اڳيان نبوت ڪئي؛ اسرائيل جي خدا جي نالي تي هنن نبوت ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تن ڏينهن ۾ حجي نبي ۽ زڪرياہ نبي جيڪو عدوءَ جي اولاد مان هو، سي يروشلم شهر بلڪ سڄي يهوداہ ۾ رهندڙ يهودين کي بني اسرائيل جي خدا جي نالي ۾ پيغام ڏيڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 5:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، تنهن جو ڪم بند رهيو؛ ۽ اهو فارس جي بادشاهہ دارا جي بادشاهي جي ٻئي ورهيہ تائين بند هو.


۽ يهودين جي بزرگن، حجي نبيءَ، ۽ زڪرياہ بن عدو جي نبوت جي وسيلي عمارت شروع ڪئي ۽ فتحياب ٿيا. ۽ اسرائيل جي خدا جي حڪم موجب، ۽ فارس جي بادشاهہ خورس ۽ دارا ۽ ارتخششتا جي فرمان موجب، عمارت جوڙي تيار ڪيائون.


۽ هو خداوند جي طاقت سان ۽ خداوند پنهنجي خدا جي نالي جي وڏائيءَ سان بيهي پنهنجو ڌڻ چاريندو: ۽ اُهي اُتي قائم ٿيندا، ڇالاءِ جو هاڻي هو زمين جي ڪنارن تائين بزرگ ٿيندو.


دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ جي معرفت، يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ ڪاهنن جي سردار يشوع بن يهوصدق تي نازل ٿيو،


تڏهن خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ


آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اڄ کان وٺي اڳتي انهي ڳالهہ جو خيال ڪريو، يعني نائين مهيني جي چوڏهين تاريخ کان، انهي ڏينهن کان جڏهن خداوند جي هيڪل جو بنياد پيو، اوهين انهي جو ويچار ڪريو.


لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين جي هن وقت نبين جي معرفت ڪلام ٻُڌو ٿا، جي اُنهن ڏينهن ۾ هئا، جن ڏينهن ۾ لشڪرن جي خداوند جي گهر، يعني هيڪل جو بنياد وڌو ويو هو تہ اُهو ٺاهيو وڃي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ