Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 4:9 - Sindhi Bible

9 تنهن کانپوءِ رحوم ديوان، ۽ شمسي ڪاتب، ۽ انهن جي ٻين سنگتين لکيو؛ يعني دينہ ۽ افارستڪ، طرفيلہ، فارس، ارڪ، بابل، سوسن، دہ، عيلام،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ”هي خط ناظم اعليٰ رحوم گورنر، سندس محرر شمسي ۽ سندن ساٿين جيڪي جج ۽ وڏا عملدار آهن، تن جي طرفان آهي. انهيءَ کان علاوہ انهن جي طرفان بہ آهي جيڪي ارڪ، بابل ۽ عيلام جي گاديءَ واري شهر سوسن جا اصلي رهاڪو هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 4:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سم جا پٽ هئا، عيلام، اسور، ارفڪسد، لود ۽ ارام.


۽ اسور جي بادشاهہ بابل مان، ۽ ڪوتہ مان، ۽ عوا مان، ۽ حمات ۽ سفروائم مان ماڻهو آڻي بني اسرائيل بدران سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريا: ۽ هو سامريہ هٿ ڪري انهيءَ جي شهرن ۾ رهڻ لڳا.


رحوم ديوان، ۽ شمسيءَ ڪاتب، هڪڙو خط يروشلم جي برخلاف ارتخششتا بادشاهہ ڏانهن هن طرح لکيو:


ساڳئي وقت ۾ تتنيءَ، جو نديءَ جي هن ڀر جو والي هو، ۽ شتربوزني، ۽ انهن جا سنگتي، هنن وٽ آيا ۽ چيائون تہ هن گهر جوڙڻ ۽ هن ڀت پوري ڪرڻ جو ڪنهن اوهان کي حڪم ڏنو آهي؟


انهيءَ خط جو نقل، جو نديءَ جي هن ڀر جي والي تتني، ۽ شتربوزني، ۽ سندس سنگتين ارفارسڪين، نديءَ جي هن ڀر کان دارا بادشاهہ وٽ موڪليو:


تنهنڪري هاڻي اي تتني، نديءَ جي هن ڀر جا والي، ۽ شتربوزني، ۽ اوهان جا سنگتي افرسڪين، جي نديءَ جي هن ڀر آهيو، اوهين انهيءَ هنڌ کان پري رهجو:


۽ پنهنجن ڀائرن ۽ سامريا جي لشڪر جي اڳيان، بيهي چوڻ لڳو تہ هي ضعيف يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پنهنجي لاءِ قلعا جوڙيندا ڇا؟ هو قربانيون چاڙهيندا ڇا؟ هو هڪڙي ڏينهن ۾ ڪم پورو ڪندا ڇا؟ ڪچري جي ڍڳن مان جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، سي ڪڍي هو وري بيهاريندا ڇا؟


تہ جڏهن انهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اخسويرس پنهنجي بادشاهيءَ جي تخت تي ويٺو، جو سوسن جي محلات ۾ هو،


۽ بادشاهہ پنهنجي بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ عملدار مقرر ڪري تہ اُهي سڀ خوبصورت جوان ڪنواريون ڇوڪريون سوسن محلات ۾، ۽ زالن واري گهر ۾، آڻي گڏ ڪن، ۽ بادشاهہ جي ناظر ۽ زالن جي نگهبان هيجا جي حوالي ڪن؛ ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ کين شيون ڏنيون وڃن:


هڪڙو ڏک جهڙو رويا مون کي ڏيکاريو ويو آهي؛ دغاباز واپاري، دغابازيءَ سان واپار ڪري ٿو، ۽ لٽ ڪرڻ وارو لٽي ٿو. اي عيلام مٿي وڃ؛ اي مادي گهيرو ڪر، مون هن جون سڀ آهون بند ڪري ڇڏيون آهن


۽ زمريءَ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ عيلام جي سڀني بادشاهن کي، ۽ ميدين جي سڀني بادشاهن کي؛


يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾ عيلام بابت جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو: تہ


هن جي قبر جي چوڌاري عيلام ۽ سندس ڪل جماعت يعني اُهي سڀ قتل ٿيل ۽ ترار سان ماريل، جي اڻ طهريل ئي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ هليا ويا آهن، ۽ جن سڀني ماڻهن تي پنهنجو خوف وڌو: ۽ انهن پنهنجي خواري انهن سان گڏ کنئي آهي، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.


۽ مون رويا ۾ ڏٺو؛ هاڻي هيئن هو تہ جڏهن مون ڏٺو تڏهن ڄاتم تہ سوسن جي محلات ۾ آهيان، جو عيلام جي پرڳڻي ۾ آهي؛ ۽ مون رويا ۾ ڏٺو تہ اولائي نديءَ جي ڪناري تي آهيان.


جيتوڻيڪ اسين پارٿي، ۽ ميدي ۽ عيلامي ۽ ميسپتاميا ۽ يهوديہ ۽ ڪپدڪيا ۽ پنطس ۽ آسيا


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ