Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 4:7 - Sindhi Bible

7 ۽ ارتخششتا جي ڏينهن ۾ بشلام، متردات، طابئيل ۽ ان جي ٻين سنگتين فارس جي بادشاهہ ارتخششتا کي لکيو؛ ۽ اهو خط ارامي اکرن ۾ ۽ ارامي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 وري فارس جي شهنشاهہ ارتخششتا جي ڏينهن ۾ بشلام، متردات، طابئيل ۽ سندن ٻين ساٿين ڏانهس ارامي ٻوليءَ ۾ هڪ شڪايتي خط لکيو جيڪو ٻي ٻوليءَ ۾ کيس پڙهي ٻڌايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 4:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن الياقيم بن خلقياہ، ۽ شبناہ، ۽ يواخ، ربشاقيءَ کي چيو تہ ڀلائي ڪري پنهنجن نوڪرن سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهاءِ، ڇالاءِ جو اسين اُها سمجهون ٿا: ۽ يهودين جي ٻوليءَ ۾ اسان سان نہ ڳالهاءِ، متان ڀت تي جيڪي ماڻهو آهن سي ٻڌن.


هاڻي جڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي دشمنن ٻڌو، تہ قيدين خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل جوڙي آهي؛


تڏهن بادشاهہ، رحوم ديوان، ۽ شمسيءَ ڪاتب، ۽ جيڪي انهن جا ٻيا سنگتي سامريہ ۾، ۽ نديءَ جي هن ڀر واري ملڪ ۾ رهندا هئا، تن وٽ هي جواب موڪليو، تہ سلامت هجو، وغيرہ.


رحوم ديوان، ۽ شمسيءَ ڪاتب، هڪڙو خط يروشلم جي برخلاف ارتخششتا بادشاهہ ڏانهن هن طرح لکيو:


تنهن کانپوءِ رحوم ديوان، ۽ شمسي ڪاتب، ۽ انهن جي ٻين سنگتين لکيو؛ يعني دينہ ۽ افارستڪ، طرفيلہ، فارس، ارڪ، بابل، سوسن، دہ، عيلام،


انهيءَ خط جو نقل، جو نديءَ جي هن ڀر جي والي تتني، ۽ شتربوزني، ۽ سندس سنگتين ارفارسڪين، نديءَ جي هن ڀر کان دارا بادشاهہ وٽ موڪليو:


هاڻي انهن ڳالهين کانپوءِ، فارس جي بادشاهہ ارتخششتا جي بادشاهيءَ ۾، عزرا بن سراياہ، بن خلقياہ،


۽ هنن بادشاهہ جا پروانا، بادشاهہ جي نائبن، ۽ نديءَ جي هن ڀر وارن والين کي پهچائي ڏنا: ۽ انهن قوم جي، ۽ خدا جي گهر جي مدد ڪئي.


۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ويهين سال ۾، نيسان مهيني ۾، هيئن ٿيو تہ جڏهن شراب هن جي اڳيان هو، تڏهن مون شراب کڻي بادشاهہ کي ڏنو. هاڻي آءٌ اڳي ڪڏهن بہ سندس حضور ۾ غمگين نہ ٿيو هوس.


تڏهن الياقيم، ۽ شبناہ، ۽ يوآخ، ربشاقيءَ کي چيو تہ مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهاءِ، ڇالاءِ جو اسين اها سمجهون ٿا: پر جيڪي ماڻهو ڀت تي ويٺا آهن، تن جي ٻڌندين، اسان سان يهودين جي ٻوليءَ ۾ نہ ڳالهاءِ.


۽ هاڻي آءٌ توکي حقيقت ٻڌائيندس، ڏس، اڃا ٽي بادشاهہ فارس ۾ برپا ٿيڻا آهن؛ ۽ چوٿون ٻين سڀني کان وڌيڪ دولتمند ٿيندو: ۽ جڏهن هو پنهنجي دولت جي وسيلي زور وارو ٿيندو، تڏهن هو سڀني کي چوري، يونان جي بادشاهت جي برخلاف کڙو ڪندو.


تڏهن ڪسدين بادشاهہ کي ارامي ٻوليءَ ۾ چيو، تہ اي بادشاهہ شل سدائين سلامت رهين: پنهنجن ٻانهن کي اُهو خواب ٻڌاءِ تہ اسين انهي جو تعبير بيان ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ