Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 4:20 - Sindhi Bible

20 يروشلم تي زور وارا بادشاهہ ٿي گذريا آهن، جن سڄي ملڪ تي، نديءَ جي هن ڀر بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ ڍل، ۽ محصول، ۽ چونگي انهن کي پئي ملي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 جيئن تہ يروشلم ۾ وڏا طاقتور بادشاهہ ٿي گذريا آهن جن اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي وارن سڀني ملڪن تي بادشاهي پئي ڪئي آهي ۽ کين ڍل، ٽيڪس ۽ چونگي پئي مليا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 4:20
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.


۽ فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي سرحد تائين جيڪي بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪم هلائيندو هو؛ اُهي نذرانا آڻيندا هئا، ۽ سندس ساري حياتيءَ جا ڏينهن سليمان جي خدمت چاڪري ڪندا رهيا.


ڇالاءِ جو فرات نديءَ جي هن ڀر تفسح کان وٺي غزہ تائين جيڪو ملڪ هو تنهن تي، ۽ فرات نديءَ جي هن ڀر جيڪي بادشاهہ هئا تن تي، هن جو حڪم هلندو هو: ۽ هن جي آس پاس سڀني پاسن ڏانهن صلح هو.


۽، صور جي بادشاهہ حيرام پنهنجا نوڪر سليمان ڏي موڪليا، ڇالاءِ جو هن ٻڌو تہ هن کي سندس پيءُ جي جاءِ تي مسح ڪري بادشاهہ ڪيو هئائون: جو حيرام هميشہ دائود کي پيار ڪندو هو.


پر هاڻي خداوند منهنجي خدا مون کي هر ڪنهن پاسي کان آرام ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪو مخالف آهي ۽ نہ ڪا خرابي آهي.


۽ هن ادوم ۾ پهري لاءِ لشڪر رکيا؛ ۽ سڀ ادومي دائود جا ٻانها ٿيا. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند هن کي فتح ٿي بخشي.


۽ دائود حمات تائين ضوباہ جي بادشاهہ هدرعزر کي ماريو، جڏهن هو فرات نديءَ وٽ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ٿي ويو.


تڏهن دائود ارام جي دمشق ۾ سنڀال لاءِ لشڪر رکيو؛ ۽ ارامي دائود جا ٻانها ٿيا ۽ نذرانا آندائون. ۽ جيڏانهن دائود ٿي ويو، اوڏانهن خداوند دائود کي فتح ٿي بخشي.


۽ جڏهن هدرعزر جي ملازمن ڏٺو تہ اسرائيل جي اڳيان شڪست کاڌي اٿن، تڏهن دائود سان صلح ڪيائون، ۽ سندس ٻانها ٿيا: انهيءَ طرح ارامين وري ڪڏهن بہ بني عمون کي مدد نہ ڏني.


۽ ڪن فلستين يهوسفط کي نذرانا ۽ چاندي ڍل طور آڻي ڏني؛ عربن بہ هن کي ڌڻ آڻي ڏنا، ست هزار ست سؤ گهٽا، ۽ ست هزار ست سؤ ٻڪر.


انهيءَ کانسواءِ جيڪو گهورڙن ۽ سوداگرن آندو: ۽ عربستان جي سڀني بادشاهن ۽ ملڪ جي حاڪمن سون ۽ چاندي سليمان وٽ آندي.


هاڻي بادشاهہ کي معلوم هجي، تہ جيڪڏهن اهو شهر جڙندو ۽ ڀتيون پوريون ٿينديون، تہ هو ڍل، محصول، يا چونگي نہ ڏيندا، ۽ نيٺ بادشاهن کي نقصان پوندو.


اسين بادشاهہ کي خاطري ٿا ڏيون تہ جيڪڏهن هي شهر جڙندو، ۽ ڀتيون ٺهي وينديون، تہ انهيءَ ڪري توکي نديءَ جي هن ڀر ڪوبہ حصو نہ ملندو.


۽ مون حڪم ڪيو، ۽ ڳولا ڪئي ويئي آهي، ۽ معلوم ٿيو آهي تہ هي شهر قديم وقت کان وٺي بادشاهن جي برخلاف باغي پئي ٿيو آهي، ۽ ان ۾ فتنو ۽ فساد ڪرڻ ۾ پئي آيو آهي.


هاڻي اوهين حڪم جاري ڪريو تہ اهي ماڻهو ڪم بند ڪن، ۽ هي شهر نہ جُڙي، جيستائين ڪ آءٌ ٻيو فرمان جاري ڪريان.


۽ اسين اوهان کي هي تاڪيد بہ ٿا ڪريون تہ ڪاهنن، لاوين، ڳائڻن، دربانن، نتينيم، يا خدا جي هن گهر جي خدمتگارن مان ڪنهن تي بہ ڍل، يا محصول، يا چونگي، رکڻ جائز نہ آهي.


۽ هڪڙي سمنڊ کان ٻئي سمنڊ تائين، ۽ نديءَ کان زمين جي ڇيڙي تائين، هن جي حڪومت هلندي.


جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!


۽ ان جون ڪاٺيون اهڙيون مضبوط ٿيون جو بادشاهن جي چوبن جي لائق ٿيون، ۽ انهي جو قد ڪڪرن تائين وڃي پهتو، ۽ گهڻين شاخن سميت اُهي وڏيون ڏسڻ ۾ آيون.


۽ جڏهن يسوع اُتان اڳتي هليو، تڏهن متي نالي هڪڙو ماڻهو اڪٽ تي ويٺل ڏٺائين: ۽ هن کي چيائين تہ منهنجي پٺيان اچ؛ ۽ هو اُٿي سندس پٺيان هليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ