Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 4:2 - Sindhi Bible

2 تڏهن هو زربابل، ۽ اباڻي گهراڻن جي رئيسن وٽ آيا، ۽ انهن کي چيائون تہ اسان کي بہ پاڻ سان جوڙڻ ۾ همراهہ ٿيڻ ڏيو: ڇالاءِ جو اسين بہ اوهان جو خدا ٿا ڳوليون، جيئن اوهين ٿا ڳوليو، ۽ اسور جو بادشاهہ اسرحدون، جنهن اسان کي هتي آندو، تنهن جي ڏينهن کان وٺي اسين بہ قربانيون ڪندا آيا آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن هو زربابل ۽ گھراڻن جي وڏن وٽ آيا ۽ کين چيائون تہ ”اسان کي بہ پاڻ سان گڏ تعمير جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ ان ساڳئي خدا جي عبادت ڪندا آهيون جنهن جي اوهين ڪندا آهيو. اسين اشور جي شهنشاهہ اسرحدون، جنهن اسان کي هتي آباد ڪيو هو تنهن جي وقت کان وٺي ان خدا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا آهيون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 4:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ملڪ مان نڪري هو اسور ۾ آيو، جتي ڪي شهر ٻڌائين، جهڙوڪ نينوہ، رحوبو تعير ۽ ڪلجہ.


۽ اسور جي بادشاهہ بابل مان، ۽ ڪوتہ مان، ۽ عوا مان، ۽ حمات ۽ سفروائم مان ماڻهو آڻي بني اسرائيل بدران سامريہ جي شهرن ۾ ويهاريا: ۽ هو سامريہ هٿ ڪري انهيءَ جي شهرن ۾ رهڻ لڳا.


انهيءَ طرح هي قومون خداوند کان ڊڄنديون هيون پر پنهنجن اُڪريل بتن جي عبادت ڪنديون هيون؛ اُنهن جو اولاد ۽ انهن جي اولاد جو اولاد بہ ائين ڪندو هو، جيئن سندن ابا ڏاڏا ڪندا هئا، ۽ ائين هو اڄ ڏينهن تائين ڪندا اچن.


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي گهر ۾ سجدو پئي ڪيو، تيئن ادرملڪ ۽ شراضر هن کي ترار هڻي ماري وڌو، ۽ پوءِ هو اراراط جي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا. ۽ هن جو پٽ اسرحدون هن جي جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ ڪاهن، ۽ لاوي، مطلب تہ اُهي سڀ جن جي دل ۾ خدا وڌو هو تہ وڃي خداوند جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙين، سي اُٿيا.


جي زربابل، يشوع، نحمياہ، سرايا، رعلاياہ، مردڪي، بلشان، مسفار، بگوي، رحوم، ۽ بعنہ سان آيا. اسرائيل جي قوم جي ماڻهن جو تعداد:


پر گهڻا ئي ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ ابن جي گهراڻن جا رئيس، يعني اُهي پير مرد، جن پنهنجين اکين سان اڳئين گهر جو بنياد پوندو ڏٺو هو، سي وڏي آواز سان روئڻ لڳا:


تڏهن يشوع بن يوصدق ۽ سندس ڀائر جي ڪاهن هئا ۽ زربابل بن سالتي ايل ۽ سندس ڀائر اُٿي بيٺا، ۽ اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ جوڙيائون، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهين، جيئن ڪ خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.


اهي ٺٺوليون ڪري ظلم جون ڳالهيون ٿا ڪن: ۽ ٻٽاڪون ٿا هڻن.


تنهن ڪري اسورين جو بادشاهہ سنحيرب ڪوچ ڪري موٽي ويو، ۽ نينوہ ۾ وڃي رهيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن پنهنجي معبود نسروڪ جي مندر ۾ پوڄا پئي ڪئي، تڏهن سندس پٽن ادرملڪ ۽ شراضر کيس ترار سان قتل ڪري ڇڏيو: ۽ پاڻ اراراط جي ملڪ ۾ ڀڄي ويا. پوءِ هن جو پٽ اسرحدون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


اسور اسان کي ڪين بچائيندو؛ اسين گهوڙن تي نہ چڙهنداسين، نڪي وري اڳتي اسين پنهنجن هٿن جي ڪم کي چونداسين تہ اوهين اسان جا خدا آهيو، ڇالاءِ جو تون ئي يتيمن تي رحم ٿو ڪرين.


سو رڳو انهن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري، جي لڪي ڇپي داخل ٿيا هئا، جي انهي ڪري چوريءَ گهڙي آيا هئا تہ جيڪا آزادي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بنائين.


۽ جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي سامهون ٿيا هئا، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ٿا ڪن؛ اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ ڪوڙي ايمان جي ڪري رد ٿيل آهن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ