18 جيڪو خط اوهان اسان وٽ موڪليو، سو منهنجي اڳيان چٽيءَ طرح پڙهيو ويو.
18 جيڪو خط اوهان اسان ڏانهن موڪليو سو منهنجي اڳيان ترجمو ڪري پڙهيو ويو آهي.
تڏهن بادشاهہ، رحوم ديوان، ۽ شمسيءَ ڪاتب، ۽ جيڪي انهن جا ٻيا سنگتي سامريہ ۾، ۽ نديءَ جي هن ڀر واري ملڪ ۾ رهندا هئا، تن وٽ هي جواب موڪليو، تہ سلامت هجو، وغيرہ.
۽ مون حڪم ڪيو، ۽ ڳولا ڪئي ويئي آهي، ۽ معلوم ٿيو آهي تہ هي شهر قديم وقت کان وٺي بادشاهن جي برخلاف باغي پئي ٿيو آهي، ۽ ان ۾ فتنو ۽ فساد ڪرڻ ۾ پئي آيو آهي.
۽ اُنهن انهيءَ ڪتاب مان، يعني خدا جي شريعت مان، صاف آواز سان پڙهيو؛ ۽ اُنهن انهيءَ جو مطلب بيان ڪري ٻڌايو، جنهنڪري جيڪي پڙهيو ويو، سو هنن سمجهيو.