عزرا 4:15 - Sindhi Bible15 انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڳولا ڪرڻ ۾ اچي: جنهن مان توکي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ معلوم ٿيندو، تہ هي شهر هڪڙو باغي شهر آهي، ۽ انهيءَ مان بادشاهن ۽ پرڳڻن کي نقصان آهي، ۽ هنن اڳي بہ انهيءَ ساڳي هنڌ فساد برپا ڪيو آهي: انهيءَ سبب هي شهر ويران ٿي ويو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible15 تہ جيئن اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخي ڪاغذات ۾ جاچ ڪري سگھو. انهن تواريخي ڪاغذات ۾ اوهين ڏسندا تہ اهو شهر هڪ باغي شهر آهي. اهو صوبن جي گورنرن ۽ بادشاهن لاءِ تڪليفن جو باعث رهيو آهي ۽ پراڻي وقت کان وٺي فساد جو ڳڙهہ پڻ رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي شهر برباد ڪيو ويو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |