Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 4:11 - Sindhi Bible

11 جيڪو خط هنن ارتخششتا بادشاهہ کي لکيو، تنهن جو نقل هي آهي: تنهنجا ٻانها، جي نديءَ جي هن ڀر رهن ٿا، وغيرہ:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 خط جو متن هي آهي تہ ”بحضور شهنشاهہ ارتخششتا، ازطرف اوهان جا ٻانها جيڪي اولهہ واري فرات نديءَ جي صوبي ۾ رهن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 4:11
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن اخي آب جي نالي سان خط لکيا، ۽ سندس مهر مٿن هنيائين، ۽ اُهي خط اُنهن بزرگن ۽ اميرن ڏانهن موڪليائين جي سندس شهر ۾ هئا، ۽ نبوت سان گڏ رهندا هئا.


۽ اُنهن قربانگاهہ کي انهي جي بنياد تي بيهاريو؛ ڇالاءِ جو کين انهن ملڪن جي ماڻهن جو ڊپ هو: ۽ انهن اُنهيءَ تي خداوند جي لاءِ سوختنيون قربانيون چاڙهيون، يعني صبح ۽ شام جي ساڙڻ واريون قربانيون.


۽ باقي ٻين انهن قومن، جن کي عالي جناب معزز اسنفر آڻي سامريہ جي شهر ۾، ۽ نديءَ جي هن ڀر واري باقي ملڪ ۾، ۽ ٻين هنڌن تي ويهاريو هو.


بادشاهہ کي نيڪ روشن هجي تہ جيڪي يهودي تو وٽان آيا، سي اسان وٽ يروشلم ۾ آيا آهن؛ اهي انهي باغي ۽ خراب شهر کي ٿا اڏين؛ ۽ انهن ڀتيون جوڙي بس ڪيون آهن، ۽ بنياد مرمت ڪيا اٿن.


انهيءَ خط جو نقل، جو نديءَ جي هن ڀر جي والي تتني، ۽ شتربوزني، ۽ سندس سنگتين ارفارسڪين، نديءَ جي هن ڀر کان دارا بادشاهہ وٽ موڪليو:


هاڻي عزرا ڪاهن ۽ استاد، يعني خداوند جي اسرائيل کي ڏنل حڪمن جي ڪلام، ۽ قاعدن جي اُستاد کي جيڪو خط ارتخششتا بادشاهہ ڏنو، تنهن جو نقل هي آهي.


تڏهن انهيءَ سامري زال چيس تہ تون يهودي ٿي مون سامري زال کان پاڻي ڪيئن ٿو گهُرين؟ (ڇالاءِ جو يهودين جو سامرين سان ڪو رشتو ڪونهي).


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ