Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 4:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي دشمنن ٻڌو، تہ قيدين خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل جوڙي آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن بني يهوداہ ۽ بني بنيامين جي دشمنن ٻڌو تہ جلاوطنيءَ کان موٽي آيلن خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل تعمير ڪرڻ شروع ڪيو آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 4:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سون ۽ چانديءَ جا سڀ باسڻ پنج هزار ۽ چار سؤ هئا. اهي سڀ شيس بضر انهيءَ وقت آندا، جڏهن قيدي بابل مان يروشلم ۾ موٽائي آندا ويا.


پر قيد مان آيلن ائين ئي ڪيو، ۽ عزرا ڪاهن اباڻي گهراڻن جي ڪن رئيسن سان گڏ، سندن ابن جي گهراڻن موجب، ناليوار انهن کي ڌار ڪيو؛ ۽ اُهي هن ڳالهہ جي چڪاس ڪرڻ لاءِ ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ ويٺا.


۽ هنن يهوداہ ۽ يروشلم ۾، ۽ سڀني قيدين ۾ اشتهار ڪرايو تہ يروشلم ۾ اچي گڏ ٿين؛


ايتري قدر جو ماڻهن کي خبر پئجي نہ سگهي تہ خلق جي خوشي جو آواز ڪهڙو آهي، ۽ روئڻ جو آواز ڪهڙو آهي: ڇالاءِ جو ماڻهن وڏيون رڙيون ڪيون، ۽ اُهي پري پري ٻڌڻ ۾ آيون.


۽ بني اسرائيل ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين، ۽ ٻين قيد مان آيل ماڻهن، خوشيءَ سان خدا جي گهر جو تصدق ڪيو.


ڇالاءِ جو پهرين مهيني جي پهرين تاريخ بابل مان هو نڪتو، ۽ پنجين مهيني جي پهرين تاريخ، سندس خدا جو جيڪو چڱو هٿ مٿس هو، تنهن موجب، هو يروشلم ۾ پهتو.


تڏهن داني ايل کي بادشاهہ جي حضور ۾ آندائون. بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو تہ تون اُهو داني ايل آهين جو يهوداہ جي قيدين منجهان آهي ۽ جنهن کي منهنجي پيءُ يهوداہ مان آندو هو؟


تنهنڪري ڄاڻ ۽ معلوم ڪر، تہ يروشلم کي وري اڏڻ ۽ آباد ڪرڻ جي حڪم جاري ٿيڻ کان وٺي، انهي مسح ڪيل بادشاهہ تائين، ست هفتا ٿيندا: ۽ ٻاهٺ هفتن ۾ اُهو وري اڏجي ويندو، ۽ تڪليف جهڙي زماني ۾ بہ انهي ۾ بازارون ۽ کاهيون ٺهي وينديون.


ڇوتہ منهنجي لاءِ هڪڙو وڏو ۽ ڪارگر دروازو کُليو آهي، ۽ مخالف بہ گهڻا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ