عزرا 3:9 - Sindhi Bible9 تنهن کانسواءِ يشوع پنهنجن پٽن، ۽ ڀائرن سميت، ۽ قدمي ايل ۽ سندس پٽ، جي يهوداہ جي نسل مان هئا، سي خدا جي گهر ۾ ڪم ڪندڙن جي نظرداريءَ لاءِ گڏجي بيٺا: بني حنداد ۽ سندس ڀائر ۽ پٽ بہ گڏجي بيٺا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible9 تنهن کان سواءِ لاوي قبيلي مان يشوع پنهنجي پٽن ۽ مٽن مائٽن سميت، هوداوياہ جي نسل مان قدميايل ۽ سندس پُٽَ، اهي سڀ هڪ ٿي خدا جي گھر ۾ ڪم ڪندڙن جي نظرداري ڪرڻ لڳا. لاوي قبيلي مان بني حنداد گھراڻي وارا پڻ ساڻن گڏ نظرداري ڪرڻ لڳا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻي انهن جي يروشلم ۾ ۽ خدا جي گهر ۾ اچڻ کانپوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق، ۽ انهن جا باقي ٻيا ڀائر، ڪاهن ۽ لاوي، ۽ اهي سڀ جي قيد مان نڪري يروشلم ۾ آيا هئا، تن ڪم شروع ڪيو؛ ۽ جيڪي لاوي ويهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر جا هئا، تن کي خداوند جي گهر جي ڪم جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائون.