Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 3:7 - Sindhi Bible

7 هنن رازن ۽ واڍن کي پئسا بہ ڏنا؛ ۽ صيدون ۽ صور جي ماڻهن کي کائڻ پيئڻ جون شيون، ۽ تيل ڏنو، انهيءَ لاءِ تہ لبنان مان سرو جا وڻ سمنڊ تائين يافا ۾ آڻين، جيئن ڪ فارس جي بادشاهہ خورس عطا ڪيو هون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ ماڻهن رازن ۽ واڍن جي مزدوريءَ لاءِ پئسا ڏنا. هنن کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ زيتون جو تيل بہ ڏنو تہ جيئن اهي شيون صيدا ۽ صور ڏانهن موڪليون وڃن، جنهن جي عيوض لبنان کان يافا تائين سمنڊ رستي ديال جا وڻ وڍائي آندا وڃن. اهو سڀ ڪجھہ فارس جي بادشاهہ خورس جي اجازت سان ٿي ڪيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 3:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ صور جي بادشاهہ حيرام دائود ڏانهن قاصد موڪليا، ۽ سرو جا وڻ، ۽ واڍا، ۽ رازا بہ موڪليائين: ۽ انهن دائود جي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو.


تنهنڪري هاڻي حڪم جاري ڪر تہ لبنان مان منهنجي لاءِ ديودار جا وڻ وڍيا وڃن، ۽ منهنجا نوڪر تنهنجن نوڪرن سان همراهہ ٿيندا؛ ۽ آءٌ تنهنجن نوڪرن جو اُجورو، جيترو تون چوندين اوترو ڏيندس: ڇالاءِ جو توکي خبر آهي تہ اسان ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ صيدونين جهڙو هجي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن ڏٺو تہ صندوق ۾ گهڻا پئسا ٿيا آهن تڏهن بادشاهہ جو محرر ۽ سردار ڪاهن آيا، ۽ جيڪي پئسا خداوند جي گهر ۾ ڏٺائون سي ڳڻي ڳوٿرين ۾ وڌائون.


پر خداوند جي گهر لاءِ چانديءَ جا پيالا، ۽ ڦلن وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ قرنائون، ۽ سون يا چانديءَ جا ڪي بہ باسڻ اُنهن پئسن مان نہ جوڙايا ويا هئا، جي خداوند جي گهر ۾ ايندا هئا:


۽ اهي انهن ڪم ڪندڙن کي ڏنا، جن خداوند جي گهر جي نظرداري پئي ڪئي. ۽ جن ڪم ڪندڙن خداوند جي گهر ۾ ڪم ڪيو، تن اُهي گهر جي مرمت ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۾ لڳايا؛


ستين مهيني جي پهرين تاريخ کان وٺي هو خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون پيش ڪرڻ لڳا: پر خداوند جي هيڪل جو بنياد اڃا نہ وڌو هئائون.


يهوداہ ۽ اسرائيل جا رهاڪو تنهنجا واپاري هئا، هو تنهنجي سوداگري مال وٺڻ جي لاءِ منت ۽ پتنگ جي ڪڻڪ، ۽ ماکي، ۽ تيل ۽ بلسان ڏيندا هئا.


پر يوناہ اُٿيو، انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور مان ڀڄي ترسيس ڏي وڃي؛ ۽ هو يافا ۾ لهي ويو ۽ اُتي هڪڙو جهاز ترسيس ڏي ويندو ڏٺائين: ۽ هو ڀاڙو ڏيئي انهيءَ ۾ وڃي ويٺو، انهي لاءِ تہ هنن سان گڏجي خداوند جي حضور مان نڪري ترسيس ڏي وڃي.


هاڻي هيروديس صور ۽ صيدون جي ماڻهن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو؛ ۽ اُهي پاڻ ۾ صلاح ڪري وٽس آيا، ۽ بلاسطس، جو بادشاهہ جو ناظر هو، تنهن کي پنهنجي پاسي ڪري عرض ڪيائونس تہ اسان سان پرچاءُ ڪر، ڇالاءِ جو هنن کي بادشاهہ جي ملڪ مان سيڌو سامان پهچندو هو.


هاڻي يافا ۾ هڪڙي شاگردياڻي هئي، جنهن جو نالو طبيتا هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”هرڻي“؛ اُها زال گهڻا ئي نيڪ ڪم ڪندي ۽ خيراتون ڏيندي هئي.


جيئن تہ لدہ يافا جي ويجهو هو، شاگردن ٻُڌو تہ پطرس اتي آهي، تڏهن ٻہ ماڻهو وٽس موڪلي منٿ ڪيائونس تہ اسان وٽ جلدي هليو اچ.


۽ هو گهڻائي ڏينهن يافا ۾ هڪڙي شمعون نالي چمار وٽ رهي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ