Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 3:4 - Sindhi Bible

4 ۽ جيئن لکيل آهي تيئن هنن تنبن جي عيد ڪئي، ۽ دستور موجب روزمرہ جون سوختني قربانيون شمار موافق چاڙهيائون، جيئن ڪ هر روز جو فرض مقرر هو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هنن شرعي دستور موجب تنبن واري عيد ملهائي ۽ هر روز جون باهہ سان ساڙيون ويندڙ مقرر ڪيل قربانيون حڪم موجب پيش ڪيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 3:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ طرح هن آسف ۽ سندس ڀائرن کي خداوند جي صندوق جي اڳيان هميشہ لاءِ خدمت ڪرڻ لاءِ رکيو، جيئن تہ هر روز ضرورت ٿي پيئي:


۽ انهن کانسواءِ جيڪي مردن جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا، ۽ ٽن سالن جا ۽ انهي کان مٿي هئا، يعني جيڪو ماڻهو، هر روز فرضي ڪم جي ضرورت موجب خداوند جي گهر ۾ گهڙندو هو، انهي لاءِ تہ جيڪا خدمت سندن حوالي هئي، تنهن جي لاءِ پنهنجي حصن موجب خدمت ڪري؛


۽ لاباري جي عيد، يعني جيڪي تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ پوکين تنهن جي پهرئين ڦل جي عيد ڪج: ۽ سال جي پڇاڙيءَ ۾، جڏهن تون پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ ڪيل پورهئي جو ڦل گڏ ڪرين، تڏهن فصل کڻڻ جي عيد ڪج.


هاڻي جيڪا قرباني تون قربانگاهہ تي چاڙهيندين سا هيءَ آهي: هر روز ٻہ يڪسالا گهيٽا هميشہ چاڙهيندو رهج.


۽ مقدمن کين تاڪيد ڪري چيو تہ اوهين پنهنجو روزمرہ جو ڪم، اهڙو پورو ڪريو، جهڙو بهہ هوندي ڪندا هئا.


۽ هن جي قوت گذران لاءِ بابل جي بادشاهہ وٽان هن جي مرڻ جي ڏينهن تائين، سندس باقي حياتيءَ جي ڏينهن، روزمرہ جي خرچ موجب ملندو هوس.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


اهي اوهين خداوند جي حضور ۾ پنهنجين مقرر ڪيل عيدن تي پيش ڪجو، انهيءَ کان سواءِ اوهان جون مڃتائون، ۽ اوهان جون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ اوهان جون سوختنيون قربانيون، ۽ اوهان جون کاڌي جون قربانيون، ۽ اوهان جون پيئڻ واريون قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ جون قربانيون بہ پيش ڪندا رهجو.


هاڻي يهودين جي تنبن جي عيد ويجهي هئي.


تڏهن عيد جي پوئين ڏينهن، جو خاص ڏينهن هو، يسوع بيهي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ جيڪڏهن ڪو اُڃايل هجي تہ اُهو مون وٽ اچي پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ