عزرا 3:2 - Sindhi Bible2 تڏهن يشوع بن يوصدق ۽ سندس ڀائر جي ڪاهن هئا ۽ زربابل بن سالتي ايل ۽ سندس ڀائر اُٿي بيٺا، ۽ اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ جوڙيائون، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهين، جيئن ڪ خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible2 تڏهن يشوع ولد يوصدق ۽ سندس ٻيا ساٿي ڪاهن، زربابل ولد سالتيايل ۽ سندس قوم وارا اٿيا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ تعمير ڪرڻ لڳا تہ جيئن انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، جيئن خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻي انهن جي يروشلم ۾ ۽ خدا جي گهر ۾ اچڻ کانپوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق، ۽ انهن جا باقي ٻيا ڀائر، ڪاهن ۽ لاوي، ۽ اهي سڀ جي قيد مان نڪري يروشلم ۾ آيا هئا، تن ڪم شروع ڪيو؛ ۽ جيڪي لاوي ويهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر جا هئا، تن کي خداوند جي گهر جي ڪم جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائون.