عزرا 3:13 - Sindhi Bible13 ايتري قدر جو ماڻهن کي خبر پئجي نہ سگهي تہ خلق جي خوشي جو آواز ڪهڙو آهي، ۽ روئڻ جو آواز ڪهڙو آهي: ڇالاءِ جو ماڻهن وڏيون رڙيون ڪيون، ۽ اُهي پري پري ٻڌڻ ۾ آيون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible13 وڏي شور هئڻ ڪري ماڻهو خوشيءَ جي آوازن ۽ روئڻ جي آوازن جو فرق نہ سمجھي سگھيا. اهو شور پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اُٿي خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، وري بہ ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ انهن جو آواز، جي چون ٿا تہ لشڪرن جي خداوند جي شڪر گذاري ڪريو، ڇالاءِ جو خداوند چڱو آهي، جو هن جو رحم هميشہ تائين جٽاءُ ڪندڙ آهي: ۽ انهن جو آواز جي شڪرگذاريءَ جون قربانيون خداوند جي گهر ۾ ٿا آڻين. ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي ملڪ جي قيدين کي اڳي وانگي موٽائي آڻيندس.