Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 2:68 - Sindhi Bible

68 ۽ اباڻن گهراڻن جي رئيسن مان جڏهن ڪي يروشلم ۾ خداوند جي گهر آيا، تڏهن انهن پنهنجي خوشيءَ سان خدا جي گهر لاءِ نذرانا ڏنا؛ انهيءَ لاءِ تہ اُهو پنهنجي جاءِ تي کڙو ڪيو وڃي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

68 جڏهن اهي يروشلم ۾ خداوند جي هيڪل جي جاءِ تي پهتا تہ گھراڻن جي ڪن وڏن خداوند جي گھر کي پنهنجي اصل جاءِ تي وري تعمير ڪرڻ لاءِ نذرانا ڏنا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 2:68
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند جي ملائڪ جاد کي حڪم ڏنو تہ دائود کي چوي، تہ دائود اُرنان يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پڙ ۾ چڙهي وڃي ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.


تڏهن دائود چيو تہ هيءُ خداوند جو گهر آهي ۽ هيءَ ئي اسرائيل جي سوختني قرباني چاڙهڻ لاءِ قربانگاهہ آهي.


تنهن کانپوءِ سليمان مورياہ جبل تي، يروشلم ۾ خداوند جو گهر جوڙائڻ شروع ڪيو، جتي خداوند هن جي پيءُ دائود کي ڏيکاري ڏني هئي، ۽ جنهن جي تياري هن انهيءَ جاءِ تي ڪئي، جا دائود ارنان يبوسيءَ جي ڳاهڻ واري پڙ ۾ مقرر ڪئي هئي.


انهن جا اُٺ، چار سؤ پنجٽيهہ؛ انهن جا گڏهہ، ڇهہ هزار ست سؤ ويهہ.


انهن پنهنجي وسعت آهر، ڪم واري خزاني ۾، سون جا ايڪهٺ هزار درهم، ۽ چانديءَ جا اڍائي هزار سير، ۽ هڪ سؤ ڪاهنن جا وڳا ڏنا.


۽ اُنهن قربانگاهہ کي انهي جي بنياد تي بيهاريو؛ ڇالاءِ جو کين انهن ملڪن جي ماڻهن جو ڊپ هو: ۽ انهن اُنهيءَ تي خداوند جي لاءِ سوختنيون قربانيون چاڙهيون، يعني صبح ۽ شام جي ساڙڻ واريون قربانيون.


ڇالاءِ جو اسين غلام آهيون؛ انهيءَ هوندي بہ اسان جي خدا اسان کي غلاميءَ ۾ بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر فارس جي بادشاهن جي نظر ۾ اسان کي رحم عطا ڪيو اٿس، جو اسان کي تازو ڪيو اٿس، تہ پنهنجي خدا جو گهر کڙو ڪريون، ۽ ان جي ڀڳل ڀريل حصن جي مرمت ڪريون، ۽ اسان کي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ ڀت ڏني اٿس.


تنهنجا ماڻهو تنهنجي قدرت جي ڏينهن خوشيءَ سان پاڻ کي پيش ڪندا: تنهنجا جوان پاڪيزگيءَ جي جمال سان، ۽ صبح جي پيٽ مان نڪتل ماڪ وانگي تو وٽ آهن.


بني اسرائيل کي چئُہ تہ منهنجي لاءِ نذرانو آڻين، جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ دل جي خوشيءَ سان جيڪو نذرانو آڻي، سو اوهين هن کان وٺو.


۽ انهن مان جن جي دلين ۾ جوش جاڳيو، ۽ جن جو روح راضي ٿيو، سي جماعت واري تنبوءَ جي ڪم لاءِ، ۽ انهي جي هر ڪنهن قسم جي خدمت لاءِ، ۽ پاڪ ڪپڙن لاءِ، خداوند جي حضور ۾ نذرانو کڻي آيا.


يعني بني اسرائيل پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ نذرانو آندو؛ سڀ ڪنهن مرد توڙي زال، جنهن جي دل کيس راضي ڪيو، تنهن انهن ڪمن جي واسطي نذرانو آندو، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


۽ جيڪي نذرانا، بني اسرائيل عبادتگاهہ جي خدمت جي ڪم لاءِ آندا هئا، سي سڀ انهن کي ڏنائين، انهي لاءِ تہ هو انهن مان اهي ڪم پورا ڪن. ۽ ماڻهو اڃا بہ هر روز صبح جو نذرانا آڻيندا رهيا.


ڇالاءِ تہ جيڪڏهن نيت هوندي، تہ جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هوندو، تنهن موجب سندس خيرات قبول پوندي، نہ انهي موجب جيڪي موجود نہ هوندو.


ڇالاءِ جو آئون شاهدي ٿو ڀريان تہ انهن پنهنجي وت آهر، بلڪ پنهنجي وت کان وڌيڪ خوشيءَ سان ڏنو،


جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ دل ۾ ارادو ڪيو آهي، تيئن ئي ڀلي ڪري؛ پر ڪُرڪڻ ۽ لاچاريءَ سان نہ، ڇالاءِ تہ جيڪو خوشيءَ سان ٿو ڏئي تنهن کي خدا پيار ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ