Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 2:65 - Sindhi Bible

65 تنهن کانسواءِ، انهن جا ٻانها ۽ ٻانهيون، جي ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ ماڻهو هئا: ۽ انهن وٽ ٻہ سؤ ڳائيندڙ مرد ۽ ڳائيندڙ زالون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

65 کانئن علاوہ سندن نوڪرن ۽ نوڪرياڻين جو تعداد ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ هو. ساڻن ڳائڻن ۽ ڳائڻين جو تعداد ٻہ سؤ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 2:65
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اڄ اسي ورهين جو آهيان: آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان ٿو ڇا؟ جيڪي آءٌ کاوان ٿو، يا پيئان ٿو، انهيءَ جو مزو تنهنجو ٻانهو چکي سگهي ٿو ڇا؟ آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ زالن جو آواز ٻڌي سگهان ٿو ڇا؟ تڏهن ڇو تنهنجو ٻانهو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي اڃا بہ بوجو ٿي پوي؟


۽ يرمياہ بہ يوسياہ جي لاءِ ماتم ڪيو: ۽ سڀ ڳائيندڙ مرد توڙي ڳائيندڙ زالون اڄ ڏينهن تائين اوسارڻ ۾ يوسياہ جو ذڪر ڪنديون آهن؛ ۽ اهو اسرائيل ۾ هڪڙو دستوري قانون ڪري ڇڏيائون: ۽ ڏسو، اهو مرثين ۾ لکيل آهي.


سڄي جماعت گڏجي ٻائيتاليهہ هزار ٽي سؤ سٺ ٿي،


انهن جا گهوڙا، ست سؤ ڇٽيهہ هئا؛ انهن جا خچر، ٻہ سؤ پنجيتاليهہ؛


اُنهن کانسواءِ سندن ٻانها ۽ سندن ٻانهيون، جي ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ هئا: ۽ هنن وٽ ٻہ سؤ پنجيتاليهہ ڳائيندڙ مرد ۽ ڳائيندڙ زالون هيون.


اڳيان ڳائڻ وارا هئا، ۽ پٺيان وڄائڻ وارا هئا؛ ۽ وچ ۾ ڪنواريون هيون جن دف پئي وڄايا.


مون پنهنجي لاءِ چاندي ۽ سون، ۽ بادشاهن جو، ۽ پرڳڻن جو خاص خزانو بہ گڏ ڪيو: مون پنهنجي لاءِ ڳائڻ وارا مرد ۽ زالون، ۽ انسان جي عيش عشرت جون شيون، ۽ تمام گهڻيون سريتون بہ گڏ ڪيون.


۽ جڏهن يسوع اُنهي سردار جي گهر ۾ آيو، ۽ بانسري وڄائيندڙن کي، ۽ ماڻهن جي ميڙاڪي کي گوڙ ڪندو ڏٺائين،


پر جيڪڏهن اُهو نوڪر پنهنجي دل ۾ چوي، تہ منهنجي مالڪ اچڻ ۾ دير ڪئي آهي، ۽ نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ ڪُٽڻ لڳي، ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ الوٽ ٿيڻ لڳي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ