Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 2:58 - Sindhi Bible

58 سڀ نتينيم، ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد ٽي سؤ ٻيانوي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

58 هيڪل جي خدمتگارن ۽ سليمان جي نوڪرن جي اولاد جو ڪل تعداد ٽي سؤ ٻيانوي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 2:58
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي امورين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين مان جيڪي ماڻهو بچيا هئا، جي بني اسرائيل مان نہ هئا:


اُنهن جو اولاد، جو کانئن پوءِ اُنهيءَ زمين ۾ رهجي ويو هو، ۽ جن کي بني اسرائيل اصل چٽ ڪري نہ سگهيا هئا، تن مان سليمان زوريءَ ڀرتي ڪري ٻانها بنايا، جي اڄ ڏينهن تائين هليا اچن.


هاڻي پهريان رهاڪو، جي هنن جي ملڪيت وارن شهرن ۾ رهندا هئا، سي اسرائيلي هئا، يعني ڪاهن، لاوي ۽ نتينيم.


بني سفطياہ، بني خطيل، بني فوڪرت ضبائم، بني امي.


۽ هي اُهي هئا جي تل ملحہ، تل حرسا، ڪروب، ادان ۽ امير مان چڙهي آيا: پر اُهي پنهنجن ابن جا گهراڻا، ۽ پنهنجو نسل، تہ هو اسرائيل مان هئا، سو ثابت ڪري نہ سگهيا:


۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ستين ورهيہ ۾، بني اسرائيل، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين، ۽ ڳائڻن، ۽ دربانن، ۽ نتينيم مان ڪي ماڻهو چڙهي يروشلم ڏانهن ويا.


(هاڻي نتينيم عوفل ۾، پاڻيءَ واري دروازي جي اُڀرندي ڏانهن آهن، ۽ ٺلهہ، جو نڪتو بيٺو آهي، تنهن جي سامهون رهندا هئا.)


ڪل نتينيم ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد، ٽي سؤ ٻيانوي هئا.


مون ٻانها ۽ ٻانهيون خريد ڪيون، ۽ گهر ڄاول ٻانها بہ هئم؛ چوپائي مال جا گهڻا گلا ۽ ڌڻ بہ منهنجي ملڪيت ۾ هئا، جي يروشلم ۾ مون کان اڳي جيڪي ماڻهو ٿي گذريا هئا تن کان وڌيڪ هئا؛


پوءِ انهن سردارن هنن کي چيو تہ هي ڀلي جيئرا رهن، پر سڄي جماعت لاءِ ڪاٺيون وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ ٿي رهن؛ جيئن سردارن هنن سان انجام ڪيو هو.


تنهنڪري هاڻي اوهين لعنتي ٿيا، ۽ اوهان مان ڪوبہ، غلاميءَ، ۽ منهنجي خدا جي گهر لاءِ ڪاٺين وڍڻ، ۽ پاڻي ڀرڻ جي ڪم کان آزاد نہ ٿيندو.


۽ انهيءَ ڏينهن يشوع انهن کي جماعت جي لاءِ، ۽ خداوند جي قربانگاهہ لاءِ، ڪاٺين وڍيندڙ ۽ پاڻي ڀريندڙ مقرر ڪيو، ۽ اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو اچي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ