28 بيت ايل ۽ عيءَ جا ماڻهو، ٻہ سؤ ٽيويهہ.
28 بيتايل ۽ عئي شهرن جا ٻہ سؤ ٽيويهہ ماڻهو هئا،
پوءِ هو اتان نڪري انهيءَ جبل وٽ آيو جو بيت ايل جي اڀرندي ۾ آهي، ۽ اتي اهڙي هنڌ پنهنجو تنبو کوڙيائين، جتي بيت ايل سندس الهندي پاسي هو، ۽ عئي سندس اڀرندي پاسي: اتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، ۽ خداوند کان دعا گهريائين.
مڪماس جا ماڻهو هڪ سؤ ٻاويهہ.
بني نبو، ٻاونجاهہ.
ٻئي نبوءَ جا ماڻهو، ٻاونجاهہ.
اي حسبون واويلا مچاءِ، ڇالاءِ جو عئي لٽجي ويو آهي؛ اي ربہ جون ڌيئرون دانهون ڪريو؛ کٿا چيلهہ سان ٻڌو. روئو پٽيو، ۽ لوڙهن اندر هيڏي هوڏي ڊوڙو؛ ڇالاءِ جو ملڪوم، پنهنجن ڪاهنن ۽ اميرن سوڌو قيد ٿي ويندو.
هاڻي بيت ايل جي ماڻهن شراضر ۽ رجم ملڪ ۽ انهن جي ماڻهن کي موڪليو هو تہ خداوند کي عرض ڪن،
۽ يشوع يريحو مان عئيءَ ڏي ماڻهو موڪليا، جو بيت ايل جي اُڀرندي پاسي بيت آون سان لڳ آهي، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين چڙهي وڃي اُهو ملڪ ڏسو، ۽ انهن ماڻهن وڃي عئي ڏٺو.
۽ عئي ۾، توڙي بيت ايل ۾، هڪڙو بہ اهڙو ماڻهو ڪونہ رهيو جو اسرائيل جي پٺيان نہ ويو: ۽ هو شهر کي کليل ڇڏي اسرائيل جي پٺيان پيا.
۽ يشوع هنن کي موڪلي ڏنو: ۽ هو لڪي ويهڻ جي لاءِ روانا ٿيا، ۽ عئيءَ جي الهندي پاسي، عئي ۽ بيت ايل جي وچ ۾ ويهي رهيا: پر يشوع اُها رات پنهنجي ماڻهن منجهہ رهيو.