Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 2:2 - Sindhi Bible

2 جي زربابل، يشوع، نحمياہ، سرايا، رعلاياہ، مردڪي، بلشان، مسفار، بگوي، رحوم، ۽ بعنہ سان آيا. اسرائيل جي قوم جي ماڻهن جو تعداد:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اهي زربابل، يشوع، نحمياہ، سِرايا، رعلياہ، مردڪي، بِلشان، مِسفار، بِگوي، رحوم ۽ بعنہ جي اڳواڻيءَ ۾ آيا. بني اسرائيل جي انهن ماڻهن جو تعداد هن طرح هو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 2:2
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سون ۽ چانديءَ جا سڀ باسڻ پنج هزار ۽ چار سؤ هئا. اهي سڀ شيس بضر انهيءَ وقت آندا، جڏهن قيدي بابل مان يروشلم ۾ موٽائي آندا ويا.


اهي فارس جي بادشاهہ خورس متردات خزانچيءَ جي هٿان ڪڍائي آندا، ۽ يهوداہ جي سردار شيس بضر کي ڳڻي ڏياريائين:


هاڻي انهيءَ پرڳڻي جا ماڻهو، جي قيد ٿي ويلن مان موٽي ويا، ۽ جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر بابل ۾ وٺي ويو هو، ۽ جي سڀ موٽي يروشلم ۾ يهوداہ ۾ پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا؛


بني پرعوس، ٻہ هزار هڪ سؤ ٻاهتر.


تڏهن يشوع بن يوصدق ۽ سندس ڀائر جي ڪاهن هئا ۽ زربابل بن سالتي ايل ۽ سندس ڀائر اُٿي بيٺا، ۽ اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ جوڙيائون، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهين، جيئن ڪ خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


پر زربابل ۽ يشوع، ۽ اسرائيل جي اباڻن گهراڻن جي باقي ٻين رئيسن، انهن کي چيو تہ اسان جي خدا لاءِ گهر جوڙڻ ۾ اوهان جو ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر اسين پاڻ گڏجي خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ گهر جوڙينداسين، جيئن فارس جي بادشاهہ خورس اسان کي حڪم ڏنو آهي.


رحوم ديوان، ۽ شمسيءَ ڪاتب، هڪڙو خط يروشلم جي برخلاف ارتخششتا بادشاهہ ڏانهن هن طرح لکيو:


تڏهن زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق اُٿيا، ۽ خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، سو جوڙڻ لڳا؛ ۽ انهن سان خدا جا نبي شامل هئا، جن انهن کي مدد ڏني.


هاڻي هنن جي اباڻي گهراڻن جا رئيس هي آهن، جيڪي ارتخششتا بادشاهہ جي بادشاهيءَ ۾ مون سان گڏجي بابل مان نڪري هليا، تن جو نسب نامو هي آهي.


۽ زربابل جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ جي ڏينهن ۾، سڀ اسرائيلي ڳائڻ وارن، ۽ دربانن جي لاءِ روزمرہ جي گهرج موجب حصا ڏيندا هئا؛ ۽ هو لاوين جي لاءِ ڌار ڪندا هئا، ۽ لاوي هارون جي پٽن لاءِ ڌار ڪندا هئا.


جي زربابل، يشوع، نحمياہ، عزرياہ، رعمياہ، نحماني، مردڪئي، بلشان، مسفرت، بگوي، نحوم، ۽ بعنہ سان آيا هئا. اسرائيل جي قوم جي ماڻهن جو تعداد:


دارا بادشاهہ جي ٻئي سال ۾، ڇهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام حجيءَ نبيءَ جي معرفت، يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ ڪاهنن جي سردار يشوع بن يهوصدق تي نازل ٿيو،


تڏهن زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن، قوم جي سڀني باقي رهيلن سميت، خداوند پنهنجي خدا جو حق مڃيو، ۽ حجي نبيءَ جون ڳالهيون بہ مڃيون، جنهن کي خداوند سندن خدا موڪليو هو؛ ۽ سڀ خداوند جي حضور ۾ خوف ڪرڻ لڳا.


۽ خداوند يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل جي روح کي، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق جي روح کي، ۽ قوم جي سڀني باقي رهيلن جي روح کي سجاڳ ڪيو، ۽ هو، لشڪرن جي خداوند، يعني پنهنجي خدا جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ لڳا.


يهوداہ جي والي زروبابل بن سيالتي ايل، ۽ سردار ڪاهن يشوع بن يهوصدق کي، ۽ قوم جي باقي رهيلن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ


تہ يهوداہ جي والي زروبابل کي چئُہ تہ آءٌ زمين ۽ آسمان کي لوڏيندس:


انهيءَ هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اي زروبابل، هاڻي مضبوط ٿيءُ؛ اي يشوع بن يهوصدق، سردار ڪاهن، هاڻي مضبوط ٿيءُ؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ اي ملڪ جا سڀ رهاڪو، مضبوط ٿيو ۽ ڪم ڪريو: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان سان آهيان.


۽ هن مون کي سردار ڪاهن يشوع، خداوند جي فرشتي جي اڳيان بيٺل ڏيکاريو، ۽ شيطان اُن جي ساڄي هٿ جي پاسي ساڻس مقابلو ڪرڻ لاءِ بيٺو هو.


هاڻي يشوع کي گندا ڪپڙا پيا هئا، ۽ هو فرشتي جي اڳيان بيٺو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ