Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




عزرا 10:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جا سڀ ماڻهو ٽن ڏينهن جي اندر يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا؛ اُهو نائون مهينو هو ۽ اها مهيني جي ويهين تاريخ هئي: سڀ ماڻهو خدا جي گهر جي اڳيان ميدان ۾ اچي ويٺا ۽ انهيءَ ڳالهہ ۽ مينهن جي ڪري پئي ڏڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن يهوداہ ۽ بنيامين علائقن جا سڀيئي مرد ٽن ڏينهن جي اندر نائين مهيني جي ويهين تاريخ تي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا. اهي سڀيئي ماڻهو خدا جي گھر اڳيان کُليل ميدان ۾ ويٺا رهيا ۽ ان واقعي ۽ سخت برسات جي ڪري ڏاڍا ڏکيارا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




عزرا 10:9
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ عزرا ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ اوهان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڌاريون زالون پرڻجي اسرائيل جو ڏوهہ وڌايو اٿوَ.


تنهن ڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان عهد اقرار ڪريون، تہ سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي، سو پنهنجي ڌڻيءَ جي، ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪم کان ڊڄن ٿا، تن جي صلاح موجب ڪڍي ڇڏيون؛ ۽ اهو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.


۽ جيڪو اميرن ۽ بزرگن جي صلاح موجب ٽن ڏينهن جي اندر نہ ايندو، تنهن جو سڀ مال ملڪيت ضبط ٿيندو، ۽ اهو پاڻ قيد مان آيلن جي جماعت کان ڌار ڪيو ويندو.


تڏهن انهن قيدين جي گناهہ ڪري، جيڪي اسرائيل جي خدا جي حڪمن کان ڏڪيا ٿي، سي سڀ مون وٽ اچي گڏ ٿيا؛ ۽ آءٌ شام جي قربانيءَ تائين ماٺ ڪيو حيران ٿيو ويٺو هوس.


نيٺ آستر کي بادشاهہ اخسويرس جي شاهي گهر ۾، سندس بادشاهيءَ جي ستين سال جي ڏهين مهيني، يعني طيبت مهيني ۾ وٽس وٺي آيا.


پر خداوند سچو خدا آهي؛ هو جيئرو خدا، ۽ دائم قائم بادشاهہ آهي: ان جي ڪاوڙ تي زمين ڏڪي ٿي، ۽ قومون ان جو غصو سهي نٿيون سگهن.


جڏهن هو پنهنجو آواز ڪڍي ٿو تڏهن آسمان ۾ پاڻيءَ جو گوڙ مچي ٿو، ۽ زمين جي ڪنارن کان هو بخار مٿي چاڙهي ٿو؛ هو مينهن جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ آڻي ٿو.


هاڻي بادشاهہ نائين مهيني ۾ سياري واري گهر ۾ ويٺو هو: ۽ سندس اڳيان اڳيٺيءَ ۾ باهہ پئي ٻري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ