7 ۽ هنن يهوداہ ۽ يروشلم ۾، ۽ سڀني قيدين ۾ اشتهار ڪرايو تہ يروشلم ۾ اچي گڏ ٿين؛
7 پوءِ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ سڀني موٽي آيلن لاءِ اعلان ڪيو ويو تہ هو اچي يروشلم ۾ گڏ ٿين.
تنهنڪري هنن اهو حڪم جاري ڪيو تہ ساري اسرائيل ۾، بيرسبع کان وٺي دان تائين، اشتهار ڪجي تہ سڀ ماڻهو خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ فسح جي عيد ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ اچن: ڇالاءِ جو هنن تمام گهڻن ماڻهن سان گڏجي اهڙي طرح عيد نہ ڪئي هئي، جيئن ڪ لکيل آهي.
هاڻي فارس جي بادشاهہ خورس جي پهرين سال ۾، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان ڪيل پورو ٿئي، خداوند، فارس جي بادشاهہ خورس جي دل ۾ وڌو، ۽ هن پنهنجي سڄي بادشاهت ۾ منادي ڪرائي، ۽ لکيل اشتهار بہ موڪليائين جنهن ۾ چيائين، تہ
تڏهن عزرا خدا جي گهر جي اڳيان اُٿيو، ۽ يهوحانا بن الياسب جي ڪوٺيءَ ۾ آيو: ۽ جڏهن هو اتي آيو تڏهن نڪا ماني کاڌائين، نڪو پاڻي پيتائين: ڇالاءِ جو قيد مان آيلن جي گناهہ ڪري هن کي گهڻو ڏک هو.
۽ جيڪو اميرن ۽ بزرگن جي صلاح موجب ٽن ڏينهن جي اندر نہ ايندو، تنهن جو سڀ مال ملڪيت ضبط ٿيندو، ۽ اهو پاڻ قيد مان آيلن جي جماعت کان ڌار ڪيو ويندو.